واهي پانڌي (ن پ ا) کيرٿرجي جابلو پٽي تي زوردار وسڪاري سبب هڪ ڀيرو ٻيهر نئين گاج 7 فٽ وهي آئي، ڪاڇي ۾ ٻوڏ کي 8 ڏينهن گذرڻ باوجود واهي پانڌي، جوهي، واهي پانڌي  گورک روڊ سميت ڪاڇي جي مختلف شهرن ڊرگھ بالا، حاجي خان ،ھيرو خان سميت ڪاڇي جي 400 کان وڌيڪ ڳوٺن جو اڃا تائين زميني رابطو بحال نه ٿي سگهيو آهي، جنهن ڪري علائقي ۾ کاڌي پيتي شين جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، انتظاميا هن وقت تائين روڊ بحال نه ڪري سگهي آهي، نه ئي ٻوڏ متاثرن جي ڪا مالي سهائتا ڪئي وئي آهي، علائقي واسين مطالبو ڪيو آهي ته ڪاڇي جا روڊ رستا بحال ڪرائي بي چيني ختم ڪئي وڃي.