نوشهروفيروز(رپورٽر) نوشهري فيروز ڀرسان ڀِت ڪرڻ سبب نينگر فوت ٿي ويو آهي. ان ڏس  ۾  ڳوٺ مراد ڪلهوڙو  ۾ گهر جي ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ راند ڪندڙ 10 ورهين جو نينگر عبدالعزيز ڪلهوڙو فوت ٿي ويو آهي نينگر گهر اندر راند ڪري رهيو هيو ته اوچتو گهر جي ڀت ڪري پئي ۽ نينگر ڀت هيٺان دٻجي ويو جنهن کي اسپتال آندو پئي ويو ته رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪيو لاش ڳوٺ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو