ميرواهه گورچاڻي/ نئون ڳوٺ (نمائندن وٽان)ميرواھ گورچاڻي ڀرسان ڳوٺ غلام محمد آرائين ۾ نوجوان محمد عمران ولد پير محمد آرائين ڊينگي وگهي فوت ٿي ويو. نئون ڳوٺ ڀرسان ڳوٺ ڀلي رکيو ماڇي ۾ 2  معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا. فوتين ۾ 10ورھين جي نينگري مائره ڌي صدام سولنگي ۽ 8 ورھين جو فيض پٽ فياض سولنگي شامل آهن. نئون ڳوٺ ۾ صحت جون سهولتون اڻلڀ هجڻ خلاف ڳوٺاڻن رستم سولنگي، بخشل سولنگي مريم جنت دادلي ۽ ٻين پنھنجي اخبار آڏو احتجاج ڪيو.