اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ 42 سالن بعد پهريون ڀيرو ضلعي عدالتن لاءِ 74 عدالتن تي مشتمل جوڊيشل ڪمپليڪس تعمير مڪمل ٿي وئي، 8 مهينن ۾ اڏاوت مڪمل ڪئي وئي، مهيني اندر اسلام آباد جون عدالتون جوڊيشل ڪمپليڪس منتقل ٿي وينديون. ان کان اڳ ڊسٽرڪٽ ڪورٽس 1980ع کان ايف ايٽ پلازه ۾ مسواڙ جي جاءِ ۾ قائم ڪيون. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جوڊيشل ڪمپليڪس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته  اسان جو مقصد ۽ پهرين ترجيح فوري ۽ سستو انصاف فراهم ڪرڻ آهي، سندس دعا آهي ته اسان فريادين کي جلد انصاف جي فراهمي ۾ ڪامياب ٿيون،  فريادي ۽ عوام جو اعتماد بحال ڪرڻو آهي. چيف جسٽس چيو ته خوشي آهي ته جج صاحبان ۽ وڪيلن سڌاري واري پروگرام جي شروعات ڪئي آهي، هن منصوبي جي شروعات 4 سال اڳ ڪئي وئي هئي، هن منصوبي جو مقصد آهي ته فريادين جي خدمت ڪئي وڃي، عدالتن ۾ سڀ کان اهم ضلعي عدالتون آهن.چيف جسٽس چيو ته معاشري جو پيڙهيل طبقو ان عدالتن ۾ ايندو آهي، جج صاحبان ۽ وڪيلن گڏجي سڌارا پروگرام جي شروعات ڪئي، دڪانن ۾ عدالتن جي جاءِ نه هئي، هاڻ جوڊيشل ڪمپليڪس تعمير ٿيو آهي، چيف جسٽس چيو ته هن جو چوڻ هو ته اسان جي نظام کي تبديل ٿيڻو آهي، اسان وٽ گنجائش ناهي، اڄ انصاف جي فراهمي جو بنياد وڌو ويو آهي، پنهنجي فريادي ۽ عوام جو يقين بحال ڪرائڻو آهي. چيف جسٽس اطهرمن الله چيو ته اسان جيل کان ٿي آيا آهيون، اتي اڪثر قيدين وٽ وڪيل ڪرڻ جي سگھه ناهي، قيدين جو چوڻ هو ته سندن فيصلا وقت سر نه پيا ٿين. چيف جسٽس چيو ته اسان جج هجون يا وڪيل، مقصد ساڳيو ئي آهي ته درخواستگذارن ۽ عوام جي خدمت ڪجي، جيڪو رياست جي ڪوتاهين جي ڪري اسان تائين پهچن ٿا، سڀ کان پيڙهيل طبقو ضلعي عدالتن ۾ ايندو آهي پر الميو اهو آهي ته رياست جي لحاظ کان هي سڀ کان آخر ۾ آهي، چيف جسٽس چيو ته وفاق کي ٺهي 60 سال ٿي ويا، هي عدليه جو ڪم نه هو، انتظاميا جو ڪم هو پر ڪنهن کي احساس نه ٿيو، هاءِ ڪورٽ جي ججن ۽ وڪيلن جي ڪوششن سان انصاف جي رسائي تائين پهريون بنياد رکيو ويو آهي، سڀني جي رهنمائي ۽ مدد سان هن نظام کي تبديل ڪرڻو آهي.