ميان صاحب (رپورٽ: رائو محسن راجپوت ) ميان صاحب – همايون شريف لنڪ روڊ تي سواتي واھ لڳ ڪلر برادري ۾ هلندڙ ڪارنهن تڪرار تان موٽرسائيڪل تي ميان صاحب کان جيڪب آباد ڪورٽ حاضري ويندڙ 3 ڄڻن تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، ٻه سڳا ڀائر محمد گل ڪلر ۽ معشوق ڪلر ٻئي پٽ مير محمد ڪلر موقعي تي قتل ٿي ويا، جڏهن ته تي هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، اطلاع تي مقتولن جا وارث به هٿيار کڻي واقعي واري هنڌ پهتا، حملي ۾ زخمي ٿيل نوجوان کي ايمبولينس نه ملڻ سبب ٽيڪسي ۾ کڻي نازڪ حالت ۾ اسپتال پهچايو، لاش هڪ ڪلاڪ تائين روڊ تي پيل هئا، وارثن ٻي گاڏي گهرائي لاش سلطان ڪوٽ اسپتال پهچايا، جتان پوسٽ مارٽم بعد ساڳي گاڏي ۾ گهر منتقل ڪيا ويا، ٻن سڳن ڀائرن جا لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو، ڳوٺ اوٺي پير جي قبرستان ۾ ٻنهي ڀائرن کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو،ميان صاحب ٿاڻي تي ٻن مقتول ڀائرن جي وارث فيض محمد پٽ لکمير ڪلر جي فرياد تي غلام عباس، لياقت، غلام سرور، مير محمد، عاجز، همٿ، اعظم، ميرداد، فدا حسين، عبدالوهاب سميت 11 جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو.رتو ڪلر ۽ دين محمد ڪلر ۾ ڪارنهن مامري تان تڪرار پنج سال اڳ شروع ٿيو هو، جنهن ۾ دين محمد ڪلر، رتو ڪلر، اصغر ڪلر، نياز ڪلر، اسماعيل ڪلر، الياس، شهزادو ڪلر سميت ٻه اڄوڪي حملي ۾ مارجي ويل ٻن ڀائرن محمد گل ڪلر ۽ معشوق ڪلر سميت ٽوٽل 10 ڄڻا مارجي ويا آهن .دين محمد جي ڌر جي مقتولن ۾ دين محمد پاڻ سندس ڀاءُ عبدالحڪيم، اسماعيل، الياس ڪلر سميت ٻه اڄوڪي حملي ۾ مارجي ويل ٻن سڳن ڀائرن محمد گل ڪلر ۽ معشوق ٻئي پٽ مير محمد ڪلر سميت 6 ڄڻا مارجي ويا آهن.ٻئي طرف رتو ڪلر جي ڌر جي مقتولن ۾ خود رتو ڪلر سندس پٽ نياز، اصغر سميت چار ڄڻا شامل آهن، ٻن سڳن ڀائرن جي قتل بعد علائقي ۾ خوف و حراس پيدا ٿي ويو آهي.