ملير (رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سرندي وارن پاران بيمار مريضن خاص ڪري غريبن ۽ لاچار ماڻهن کي صحت جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ اڳتي اچڻ سٺو سنوڻ آهي. آمريڪا ۾ قائم هڪ اداري ”دي چلڊرن آف ايڊم“ ڪراچي ۾ نيوروسائيڪاٽرڪ اسپتال قائم ڪئي آهي جنهن جو مقصد صوبي  جي عوام کي صحت جون سٺيون سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. ڪالهه  گڏاپ ۾ نيوروسائيڪاٽرڪ اسپتال جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته  هتي هر عمر جي ذهني مريض جو علاج ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ نوجوانن جي نفسيات، بالغ ۽ جيرياٽرڪ ڪيئر، نشو ۽ الڪوحل وغيره شامل آهن، هن چيو ته ڪراچي ۾ نفسياتي ۽ ذهني مريضن جي علاج لاءِ اسپتالن ۽ تربيت يافته ماهرن جي کوٽ آهي.  هن چيو ته پاڪستان ۾ ذهني صحت بابت جاڳرتا ۽ سندن خدمت هڪ وڏو مسئلو آهي. انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ 15 ملين کان وڌيڪ ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن قسم جي ذهني بيمارين ۾ مبتلا آهن پر ذهني مرض ۾ مبتلا فقط ڪجهه سيڪڙو ماڻهو ئي مناسب علاج حاصل ڪري سگهندا آهن. سنڌ حڪومت صحت جي شعبي ۾ وڏي سيڙپڪاري ڪئي آهي،  گذريل ڪجهه سالن دوران 701 بسترن تي مشتمل 31 نيون اسپتالون قائم ڪيون آهن، 108 اسپتالن ۾ پرائمري هيلٿ ڪيئر لاءِ 771 بسترن سان گڏ ضلعي/ تعلقي سطح جي اسپتالن کي اپ گريڊ ڪيو ويو، هن چيو ته سرڪاوسجي جهانگير انسٽيٽيوٽ آف سائڪٽري  حيدرآباد کي يونيورسٽي طور اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي.