ڪراچي ( ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر ۾ هڪ رپيو لاٿ: 284 رپين تي پهتو: سون 2300 رپيا مهانگو،  ان ڏس ۾ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 2300 رپيا اضافي سان  199200 مان 201500 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾سون 32 ڊالرن جي ريڪارڊ واڌاري سان 1866 ڊالر في آئونس تي پهتو ، هوڏانهن  ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ هڪ رپيو لاٿ سان 285 مان 284 ۽ انٽر بينڪ ۾ 68 پئسا واڌ سان  281.61 مان 282.29 رپين تي پهتو ، ٻئي طرف  پائونڊ 50 پئسا واڌ سان 342 مان 342.5 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 2250 ۽ يورو 302.5 رپين تي برقرار رهيا.