ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه چيو آهي ته  پيپلز پارٽي ئي واحد وڏي پارٽي آهي, جنهن ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي,  ڪنهن جي روئڻ يا دانھون ڪرڻ سان ڪو فرق نه پوندو، ڪراچي جو  ميئر پيپلزپارٽي  جو ئي ٿيندو،  ڪالھ  گڏھ گاڏي ريس بابت  فوارا چوڪ تي ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ھن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان تي زور ڀريو ته اها مڪاني ادارن جي انهن سيٽن تي چونڊون ڪرائڻ جي عمل کي تيز ڪري، جتي چونڊن کي ملتوي ڪيو ويو ھو يا جن سيٽن کي چيلنج ڪيو ويو يا نتيجا روڪيا ويا آهن، مڪاني  چونڊن جو عمل مڪمل ٿيڻ بعد چيئرمين ۽ ميئر چونڊجي سگهن. ھن چيو ته 2017ع جي آدمشماري تي سنڌ حڪومت ۽ پ پ پاران جيڪي اعتراض اٿاريا ويا هئا، اهي هاڻي صحيح ۽ حقيقي ثابت ٿيا آهن. جيڪڏهن سنڌ جي عوام جا خدشا ختم نه ڪيا ويا ته سندس پارٽي وٽ وفاقي حڪومت جي حمايت واپس وٺڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو نه هوندو. خانداني ڊيٽا جي ڪاپي لاڳاپيل خاندانن ۽ سنڌ سرڪار کي شيئر ڪئي وڃي ته جيئن خبر پوي ته  هڪ خاندان جا ڪيترا ميمبر هڪ خاص علائقي ۾ ڳڻيا ويا آهن ته جيئن اسان ڪراس چيڪ ڪري سگهون ۽ ڪنهن غلطي جي صورت ۾ دعويٰ داخل ڪري سگهون.  بيورو آف سينسز پاران گڏ ڪيل ڊيٽا سڌو سنئون نادرا کي ڏني وڃي ته جيئن اهي سنڌ ۾ رهندڙ پرڏيهين جي ڊيٽا ٺاهي سگهن. هن چيو ته جيڪڏهن شفاف نظام نه جوڙيو ويو  ته هلندڙ آدمشماري به 2017ع وانگر ئي ٿيندي. وڏي وزير چيو ته اسان کي ڄمڻ ۽ موت جي ڳڻپ جو صحيح نظام ٺاهڻو پوندو، جڏهن ڪو ٻار پيدا يا  فوت ٿئي ٿو ته ان جا تفصيل نادرا پاران تيار ڪيل نيشنل ڊيٽا جي فيملي ٽري ۾ داخل ٿيڻ گهرجن. وڏي وزير نشاندهي ڪئي ته ڊجيٽل ڳڻپ ڪندڙن کي ڏنل ٽيبلٽس تي پراڻا يا غلط نقشا اپ لوڊ ڪيا ويا آهن. هن مطالبو ڪيو ته اهي نقشا ۽ ڊيٽا درست، مناسب ۽ تازه ترين هئڻ گهرجي،  تقريب ۾ سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري،  صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ مرتضيٰ وھاب شريڪ ٿيا