اسلام آباد: ايم اين ايز ۽ پارلياماني ميمبر به توشا خاني مان سستا تحفا خريد ڪندا رهيا. ايم اين اي نزهت صادق مرداڻي گهڙي، عورتاڻي گهڙي، پين، ايئررنگس جو جوڙو، ڪف لنڪس جو جوڙو، منڊي ۽ بريسليٽ جن جي قيمت 2 لک 23 هزار رپيا لڳائي وئي، رڳو 30هزار 195 رپيا ڏئي کڻي وئي.  ايم اين اي منير احمد اورڪزئي، ثمينه خالد گهرڪي، شگفتا جماڻي، خوشبخت شجاعت، خورشيد بيگم، طاهره اورنگزيب، مهرين رزاق ڀٽو، ڊاڪٽر ظل هما ۽ بيلم حسنين کنيا ۽ سڀني 30 هزار 195 رپيا ادا ڪيا. فرح ناز اصفهاني چمڙي جو بريف ڪيس مفت ۾ کڻي وئي.