موڙ نازڪ

0
152
موڙ نازڪ

پاڪستان جا سڀ وڏا ليکڪ لکي رھيا آھن ته ملڪ اتنھائي خطرناڪ دور مان گذري رھيو آھي، پر خبر ناھي ڇو ملڪ ھلائيندڙ پوءِ به پنھنجي ڪنھن پاليسيءَ کي تبديل ڪرڻ لاءِ تيار نه آھن. اڪثريت ۾ ته ماڻھو عمران خان تي الزام ٿا ھڻن ته ھن ملڪ کي خطرناڪ موڙ تي اچي بيھاريو آھي. مان پاڻ عمران خان تي تنقيد ڪندڙن ۾ شمار ٿيان ٿو پر منھنجي نظر ۾ اھو اڌ سچ آھي ته سڄو ڏوھ عمران خان جو آھي. جڏھن اڌ سچ ڪوڙ کان به خطرناڪ ھوندو آھي ۽ ھن وقت به ڪير پورو سچ لکڻ ۽ ڳالھائڻ لاءِ تيار نه آھي ۽ نه ئي ملڪ جا ماڻهو سچ ٻڌڻ لاءِ تيار آھن.

1971ع ۾ ملڪ ٽُٽي ويو پر اڃان تائين سرڪاري طرح حمود الرحمان ڪميشن رپورٽ پڌري نه ڪئي وئي، ڇو ته سچ کي ظاھر ناھي ڪرڻو، سچ کان ھن ملڪ جي اصل مقتدر ڌرين کي ھميشه چڙ رھي آھي. ھنن ھميشه پنھنجو “سچ” گَھڙيو آھي ۽ ھن وقت به اھڙو سچ گَھڙيو پيو وڃي پر ھن ايڪويھين صديءَ ۾ اھڙي ھٿرادو سچ جي گنجائش ئي نه رھي آھي. ھن وقت ملڪ ۾ انٽرنيٽ موبائل ڊيٽا سروس ۽ سوشل ميڊيا کي بند ڪري حڪمران سمجھن ٿا ته عوام کي سچ جي خبر نه پوي پر انٽرنيٽ اوھان عام ماڻھوءَ لاءِ ته بند ڪري سگھو ٿا يا سوشل ميڊيا جون سائٽس پڻ بند ڪري سگھو ٿا پر وي پي اين کي بند نٿو ڪري سگھجي، جنھن جي ذريعي سوشل ميڊيا جون سڀئي سائيٽس ھلن ٿيون ۽ خبر پوي پئي ته ملڪ ۾ ڇا ٿي رھيو آھي.

عمران خان پروجيڪٽ کي جنھن آندو، ان بابت ميڊيا تي ذڪر ئي نٿو ٿئي. جن ماڻھن عمران خان سان واعدا ڪيا ته اوھان کي 10 سالن لاءِ حڪومت ملندي ۽ پوءِ صدارتي نظام لاڳو ڪري اوھان کي تاحيات صدر ڪيو ويندو، ان بابت ڪير تبصرو نٿو ڪري. ھي جيڪو ڪجھ مان لکي رھيو آھيان، اھو دنيا جي اخبارن ۾ چپجي چڪو آھي ته عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ جو ڪھڙو معاھدو ھو. اھا فطري ڳالھ آھي ته اگر ڪا ڌر پنھنجي ڪيل معاھدي تان ڦري وڃي ته اڳئين ڌر ان تي احتجاج ته ڪندي ۽ اھڙو معاھدو ڪنھن سياسي پارٽي سان ڪيو وڃي ته ان سياسي ليڊر کي اھو حق حاصل آھي ته ھو پنھنجي عوام کي کولي ٻڌائي ته ھن سان دوکو ڪيو ويو آھي. ھن وقت جن ماڻھن عمران خان سان واعدا ۽ معاهدا ڪيا، اُھي سڀ رٽائر ٿي دنيا جي خوبصورت ملڪن ۾ پنھنجن ٻارن سان گڏ زندگي گذاري رھيا آھن ۽ انھن جو ڪير وار ونگو به نٿو ڪري سگھي ۽ سڄو ڏوھ عمران خان تي ڏيئي رھيا آھن ته ھن ملڪ ۾ تباھي آندي آھي، جيڪا ڳالھ سياست کي سمجھڻ وارن کان ھضم ٿيڻ جھڙي ناھي.

ڪجھ سنڌ جا ماڻھو وري عمران خان جي ان ڪري حمايت ڪري رھيا آھن ھو اسٽيبلشمينٽ سان مھاڏو اٽڪايو بيٺو آھي، پر اھا به ماڻھن جي ڀل آھي ته ڪو عمران خان انقلابي ليڊر ٿي ويو آھي ۽ اسٽيبلشمينٽ سان وڙھي رھيو آھي. حقيقت اھا آھي ته عمران خان جي اسٽيبلشمينٽ سان ويڙھ سندس اقتدار جي آھي ۽ ھو فوج کي پڻ سياست جي دعوت ڏيئي رھيو آھي ته اوھان سياست ڪريو پر منھنجي حمايت ۽ مدد ڪريو. مان جيڪي ڪجهه به چوان، ان جي تڪميل ڪريو. ھي واحد نڪتو آھي، جنھن تي عمران خان اسٽيبلشمينٽ سان وڙھي رھيو آھي. عمران خان کي، بلوچستان ۾ جيڪا صورتحال آھي، ان تي ڪا تڪليف ناھي. سڄي ملڪ کي ڀلي ڊي ايڇ اي ۾ تبديل ڪري ڇڏين. ان تي به عمران خان کي ڪا تڪليف ناھي. عمران خان 18هين ترميم جي پڻ خلاف آھي، جنھن صوبن کي ٿورڙي ئي سهي، صوبائي خودمختياري ڏني آھي. ان کان سواءِ ٻيا جيڪي ننڍن صوبن جا لاڳاپيل مسئلا آھن، جيئن پاڻي، اين ايف سي ايوارڊ، ڌارين جي آبادڪاري جھڙا مسئلا، جن خاص ڪري سنڌ جي ڊيموگرافي تبديل ڪري ڇڏي آھي، ان تي به عمران خان کي ڪو عتراض ناھي. ان کانسواءِ  اها ڳالهه به هڪ سوال جي صورت ۾ پڇي سگهجي ٿي ته ڇا ھو جمھوريت تي يقين رکي ٿو؟ جيڪا ٽي، ساڍا ٽي سال حڪومت ڪيائين، ان ۾ پارليامينٽ ۾ اچڻ ئي پسند نه ڪندو ھو. قانوسسازي لاءِ صدارتي آرڊيننس تي ڪم ھلائيندو ھو. عمران خان پاڻ ايترو مونجهارن جو شڪار سياستدان آھي، جو ھو ڪنھن وقت سعودي نظام ته ڪنھن وقت وري چين جي نظام کي لاڳو ڪرڻ جي ڳالھ ڪندو رھندو آھي. جڏھن ته پاڪسان ۾ ھڪ پارلياماني حڪومتي نظام آھي، جنھن کي پڻ ھو قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آھي.

عمران خان جي انھيءَ سوچ جي باوجود ھن ملڪ جي تباھي جو سڄو الزام عمران خان تي نٿو لڳائي سگھجي. عمران خان جي گرفتاري کان پوءِ واري صورتحال پڻ ملڪ جي پاليسي کي کولي واضح ڪري ڇڏيو آھي. جڏھن ماڻھن فوجي ھيڊڪواٽر ۽ ڪور ڪمانڊر لاھور جي گھر تي حملا ڪيا پر قانون لاڳو ڪندڙن انھن تي بروقت ڪو خاص ايڪشن نه کنيو، پر ٿورو سوچيو. اگر ائين سنڌ يا بلوچستان جا نوجوان ڪنھن فوجي آفيس يا ڇانوڻي تي حملو ڪن ھا ته ڪھڙو ري ايڪشن ھجي ھا. اھڙا واقعا تاريخ ۾ ٿيا آھن. ٽوڙي ڦاٽڪ جو واقعو ئي ڏسو. رڳو نوجوانن جي نعرن تي سنڌي شاگردن تي سڌيون گوليون وسايون ويون، نوجوان شھيد ٿيا ۽ ٻيا سالن تائين جيلن ۾ سڙندا رھيا ۽ اھڙي طرح بلوچستان ۾ اھڙا واقعا ٿيندا رھن ٿا، جيڪي پنھنجي حقن جي ڳالھ ڪن ٿا، انھن کي ماريو وڃي ٿو ۽ دھشتگردي جو نالو ڏنو ويندو آھي، ۽ پنجاب ۾ وڳوڙي اهم جاين کي ساڙي ڇڏيو آھي پر ان جي باوجود انھن تي ڪو خاص ايڪشن نه ٿيو آھي. مان اھا ڳالھ واضح ڪندو ھلان، مان نوجوان کي مارڻ جي بلڪل حق ۾ ناھيان، چاھي اھو پنجاب جو ھجي، سنڌ جو ھجي يا بلوچستان جو، پر رياست جو سلوڪ ملڪ جي سڀني اڪائين سان ھڪجھڙو ھجڻ گھرجي، جيڪو بلڪل به نه آھي ۽ اھا ڳالھ وري ثابت ٿي رھي آھي ۽ ھاڻي ته ڪجھ پنجاب جا دوست به چئي رھيا آھن ننڍن صوبن جي ماڻھن کي طاقت جي ذريعي ھيسايو ويندو آھي پر پنجاب جي ماڻھن سان رياست جو رويو بلڪل مختلف ھوندو آھي.

ھي ملڪ ھن نازڪ صورتحال مان تڏھن ئي نڪري سگھي ٿو، جڏھن ملڪ ۾ سياسي تجربا ٿيڻ بند ٿين ۽ ملڪ جي رھندڙ سڀني قومن سان ھڪجھڙو سلوڪ ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ ملڪ کي ناقابل تلافي نقصان ٿي سگھي ٿو ۽ اھا ڳالھ ملڪ جا سڀئي وڏا ليکڪ چئي رھيا آھن ۽ مان پاڻ انھن سڀني ليکڪن سان اتفاق ٿو ڪريان، جيڪي ملڪ جي مالڪن کي خطري بابت ٻڌائي رھيا آھن

[email protected]