نُورين فاطمه جو درد سنڌ جي هر ڌيءَ جو درد آهي

0
534
نُورين فاطمه جو درد سنڌ جي هر ڌيءَ جو درد آهي

جنهن سماج ۾ اسان رهون ٿا، ان سماج ۾ عورت ٿيڻ سَوَن مسئلن جي منهن ۾ پوڻ آهي. جنهن سماج ۾ عورت کي جنس طور پٺتي رکيو وڃي، جنهن سماج ۾ مرد خودمختيار ۽ عورت باندي هجي، ان سماج ۾ نُورين فاطمه جهڙا واقعا رُونما ٿيندا آهن. هي هڪ ڪيس آهي، جيڪو سوشل ميڊيا جي سامهون آيو آهي پر الائجي ڪيترا ڪيس هوندا، جيڪي رات جي اُونداهين ۾ غرق ٿي ويا هوندا. اُنهن قتل ٿيندڙ عورتن کي نه ڪفن ڏنو ويندو آهي، نه ڪا انهن جي جنازي نماز ٿيندي آهي، نه ئي تڏو وڇايو ويندو آهي. اُهو ڏک ڀينرن، نانين، ماسين لاءِ وڏو هوندو آهي پر سڀ کان وڏو سانحو ماءُ لاءِ هوندو آهي. اِهو ڏک ماءُ لاءِ برداشت ڪرڻ جهڙو نه هوندو آهي پر ماءُ گهر جي مردن جي عزت رکڻ خاطر کين ڪيسن ۽ سزائن کان بچائڻ خاطر پنهنجا ڳوڙها پوتيءَ  جي ڪنڊُ سان اُگهي سُڏڪا سيني ۾ دفن ڪري سمهندي آهي. متان ڪو سڏڪو سيني مان نڪري ماءُ جي ممتا کي جاڳائي وجهي، ان ڊپ کان گهر ۾ ماتم جهڙي خاموشي ڇانيل رهندي آهي. وقت گذرندي ڏُکَ پراڻا ٿي پوندا آهن پر امڙين جي اندر ۾ دُونهين دُکندي رهندي آهي .نُورين فاطمه هڪ پڙهيل لکيل خاندان ۾ جنم ورتو. نُورين کي سندن والدين اعليٰ تعليم ڏياري پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته انهن والدين پنهنجي ڌيءَ کي زندگي گذارڻ جا بنيادي حق نه ڏنا ۽ عام رواجي والدين وانگر سندس رشتو پنهنجي ئي خاندان ۾ ڪرڻ چاهيو، جنهن تي نُورين پنهنجو آئيني ۽ شرعي حق استعمال ڪندي انڪار ڪيو، جيڪا ڳالهه نُورين جي والد ۽ ڀائرن کي نه وڻي.

نُورين  جو منصور علي سومرو سان ڄاڻ سڄاڻ وارو تعلق 2015ع ۾ پيدا ٿيو. ان کان پوءِ انهن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي. آهستي آهستي اِهو رشتو محبت ۾ تبديل ٿي ويو. 2018ع ۾ منصور پنهنجن مائٽن کي  نُورين جو رشتو وٺڻ لاءِ موڪليو پر اُهو ئي ٿيو، جيڪو ٿيندو رهيو آهي. نُورين جي والدين انڪار ڪري ڇڏيو. منصور پوءِ به نا اُميد نه ٿيو ۽ پنهنجن وڏڙن کي نُورين جي والدين جي مرشدن طرف موڪليو پر بدقسمتيءَ سان انهن به منصور کي ڪو خاطر خواهه جواب نه ڏنو. هر طرف کان رستا بند ٿيندي نظر پئي آيا. هوڏانهن نُورين تي مائٽن طرفان دٻاءُ وڌو ويو ته ٻن سئوٽن مان ڪنهن به هڪ جي چونڊ ڪري. نُورين جي امڙ پنهنجي ڌيءَ سان گڏ هوندي، ڌيءَ جو ڏک محسوس ڪندي ڪجهه به نه ڪري سگهي، ڇو ته هي پدرشاهي سماج آهي، جنهن ۾ گهر ڌياڻيءَ کي پنهنجن ٻارن جي زندگيءَ بابت فيصلا سازي ۾ ڪا به اهميت ناهي ڏني ويندي. هُوءَ رڳو نالي ماتر گهر ڌياڻي هوندي آهي، هر اختيار سندس مڙس وٽ هوندو آهي، ڇو جو اُهو مرد آهي. ان مرداڻي سماج ۾ عورت ڪيئن ٿي پنهنجو بچاءُ ڪري، ڪيئن ٿي جِيئي، اِها سندس همٿ آهي. اهڙي صورتحال ۾ نُورين ۽ منصور هڪ فيصلو ڪيو، جيڪو نڪاح جو هو. نڪاح ان بنياد تي ٿيو ته جيڪڏهن نُورين جي شادي زبردستي ڪئي ويندي ته هو منصور سان ٿيل نڪاح والدين اڳيان ظاهر ڪندي. ائين 2021ع ۾ انهن ڪورٽ ميريج ڪئي. ان سموري عرصي ۾ نُورين پنهنجو نڪاح راز ۾ رکيو. والد طرفان اِهو دٻاءُ هو ته اسان جي مرضيءَ تي شادي ڪري. مجبورن تنگ ٿي منصور اِها سموري ڳالهه نُورين جي والد جي دوست سان ڪئي، جنهن 2023 مارچ جي 16 تاريخ تي نُورين جي والدين کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو. ان کان پوءِ نُورين تي بدترين ذهني تشدد ڪيو ويو، فون کسي وئي، خُلع لاءِ دٻاءُ وڌو ويو پر نُورين جا حوصلا بلند رهيا. اُها مسلسل انڪار ڪندي رهي. منصور سان به رابطا ڪيا ويا، خلع لاءِ زور رکيو ويو پر ان به انڪار ڪيو. آخر هيٺين واٽ وٺندي نُورين جي والدين رخصتيءَ جي هاڪار ڪئي پر اندران قتل جي پلاننگ هلندي رهي ۽ آخرڪار سومر جي ڏينهن نُورين جو سندس گهران گولي لڳل لاش هٿ آيو. سمورا خواب نُورين جي اکين ۾ رهجي ويا. هُوءَ حق سچ تي هوندي والدين جي عزت جو خيال رکندي به ماري ويئي. هن وقت نُورين جي مڙس منصور سومرو جي فرياد تي نُورين جو ڪيس سندس والد ۽ ڀاءُ تي داخل ڪيو ويو آهي. منصور جو چوڻ آهي ته نُورين کي سندس مائٽن قتل ڪيو آهي. ڪيس جي جاچ هلندڙ آهي .ان سموري واقعي کي سامهون رکندي ڪجهه سوال ذهن ۾ اُڀرن ٿا. اسان پنهنجي اولاد کي پنهنجي وَسَ آهر، مالي حيثيت آهر هر سک ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، سندس لٽي ڪپڙي، کاڌي پيتي سميت ضرورت جي هر شيءِ جو خيال رکندا آهيون پر زندگي جي اهم فيصلي، جنهن جي بنياد تي عورت پنهنجي سموري زندگي ڪنهن اڻڄاڻ ماڻهوءَ سان گذاري ڇڏيندي آهي، ان فيصلي جو اختيار ناهيون ڏيندا. سندس اظهار راءِ جو کيس اختيار ناهيون ڏيندا. ايترو حق ناهيون ڏيندا ته هوءَ پسند ناپسند جو اظهار ڪري، ڇو؟!! پنهنجي زندگيءَ جو فيصلو ڪرڻ هر انسان جو جائز شرعي ۽ آئيني حق آهي، پوءِ اسان ڪير ٿيندا آهيون انهن جي حقن تي ڌاڙا هڻندڙ؟ اسان نياڻيءَ کي پاليو، نپايو، پيار ۽ عزت ڏني ۽ جڏهن هُوءَ ان قابل ٿي وڃي ٿي ته پنهنجا فيصلا پاڻ ڪري يا توهان جي فيصلن تي اظهار راءِ جو حق استعمال ڪري ته ان ۾ غلط ڇا آهي؟ والدين پنهنجي اولاد ۽ پنهنجي وچ ۾ ايترا فاصلا ڇو پيدا ڪندا آهن يا گهر ۾ اهڙي پُلِ ڇو نه ٺاهيندا آهن، جنهن تي هلي ڪري ڌيءَ هجي يا پٽ، توهان جي ويجهو اچي ۽ پنهنجي اندر جي اُٿل پُٿل کي توهان سان ونڊي ۽ اُن اُٿل پٿل کي محسوس ڪندي اڳتي هلي توهان ان جا بهترين دوست ثابت ٿيو، جنهن تي اولاد کي ڀروسو هجي، جيڪو اُن جي چونڊ کي رد نه پر اولاد سان ملي ڪري اُن چونڊيل ماڻهوءَ جي سڀني پاسن کي ڏسي سندس گهر جي ماحول کي ڏسي هڪ گڏيل فيصلو ڪن، جيڪو سموري گهر لاءِ صحيح ثابت ٿئي .هن وقت اسان جي سماج ۾ جهڙي طرح عورت کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، سا سراسر غلط آهي. اسان ڪڏهن به عورت جي اصل روح کي سمجهو ئي ناهي. ڏسو نُورين مائٽن جي هر تڪليف برداشت ڪئي،. ذهني جسماني تشدد برداشت ڪيو پر پنهنجو گهر نه ڇڏيو ۽ انهن مائٽن ساڻس ڇا ڪيو، اهو توهان جي سامهون آهي. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته مائٽن طرفان پابنديون، بندشون ۽ رُڪاوٽون ڌيئرن لاءِ هونديون آهن، ڇو جو ڌيئرون پُٽن کان وڌيڪ حساس، مائٽن جو خيال رکندڙ، نوڙت ڪندڙ، والدين جي چوڻ تي خاموشي اختيار ڪندڙ ۽ قرباني ڏيندڙ هونديون آهن. پُٽن تي ٿوري سختي ڪريو ته توهان جي سامهون ٿي بيهندا، جواب ڏيندا، پنهنجي حصي جي ملڪيت جي گهُر ڪندا، گهر ڇڏي هليا ويندا. والدين چوندا ته ٻيلي پُٽ آهي، تڏي جو مالڪ آهي، ڌيئرون ته گهر ڇڏي هليون وينديون، اسان جو نسل وڌائيندڙ اُهو ئي آهي. اِهي غلط معيار ۽ غلط ماپا آهن. ڌيئرون بيبي زينب رضه جهڙيون به ٿينديون آهن، ڌيئرون بيبي عائشه رضه  بيبي فاطمه رضه، بيبي خديجته الڪبرا رضه جهڙيون به ٿينديون آهن. ڌيئرون فاطمه جناح، اندرا گانڌي، بينظير ڀٽو، محبوبا مفتي، حسينه واجد، بلقيس ايڌي، مارگريٽ ٿيچر، ليڊي ڊيانا، جيسنڊا آرڊرن، عاصمه جهانگير ۽ فاطمه ڀٽو جهڙيون به ٿينديون آهن. اهڙا ڪيئي نالا آهن، جن مان ثابت ٿئي ٿو ته ڌيئرن هر محاذ تي پاڻ مڃرايو آهي. منهنجي خيال ۾ هاڻ اِهي پراڻا خيال، وهم وسوسا ختم ٿيڻ گهرجن، جن جي بنياد تي پُٽ کي اَوليت ڏني ويندي آهي ۽ ڌيئرن کي “ڌيءَ پرائو ڌڻ” چئي پٺتي ڪيو ويندو آهي. رڳو پُٽ ئي خاندان نٿا هلائي سگهن، ڌيئرون به پاڻ ملهائي چڪيون آهن .

نُورين هن وقت جسماني طور اسان سان گڏ ناهي پر اسان جي سول سوسائٽي جي ڊمانڊ هوندي ته نُورين جي قتل جو سچ اسان سڀني جي سامهون اچي، جيئن سماج ۾ خاص طور تي عام ماڻهوءَ جي ذهنن ۾ جيڪي سوال اُڀري رهيا آهن، انهن جا جواب ملي سگهن. نه صرف ايترو پر مظلوم جي اندر وري آس جنم وٺي ته انصاف اڄ به ٿي رهيو آهي. ڳالهه رڳو همٿ، سچائي ۽ بهادريءَ سان ڪيس وڙهڻ جي آهي. هن ڪيس ۾ پوليس جو ڪردار ٻين ڪيسن جي بنسبت هيستائين بهتر رهيو آهي. اسان اميد ڪنداسين ته اڳتي به پوليس پنهنجا فرض هن ڪيس ۾ ضرور نڀائيندي. جيڪڏهن هي قتل آهي ته جوابدارن کي ڪورٽ ۾ پيش ڪري Speedy Trial ڪرائي جلد سزا ڏني وڃي، جيئن مظلوم نياڻيءَ سان انصاف ٿي سگهي.