ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي ۽ حبيب جمالي) حيدآباد کي سکر سان ملائيندڙ موٽر وي رٿا ايم 6 ۾ ميگا ڪرپشن  جي ايف آءِ اي کانپوءِ نيب پاران جاچ شروع : سکر ۽ خيرپور ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کان نيشنل هاءِ وي اٿارٽي پاران اماڻيل رقم جا تفصيل طلب، سنڌ حڪومت پڻ ِ خيرپور ۽ سکر ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن ۽ لاڳاپيل روينيو عملدارن کان رقم جي سِڌي منتقلي جا اختيار کسي ڇڏيا، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  مٽياري ۽ نوشهروفيروز ضلعن ۾ پوڻا 8 اربين رپين جي ميگا ڪرپشن جو اسڪينڊل سامهون اچڻ بعد سنڌ سرڪار خيرپور ۽ سکر ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کان منصوبي ۾ ايندڙ زمين جي رقم سِڌي ريت زمين مالڪن / کاتيدارن کي منتقل ڪرڻ جا اختيار سکر جي ڪمشنر حوالي ڪري ڇڏيا آهن، هاڻي خيرپور ۽ سکر جا ڊپٽي ڪمشنرز ۽ لاڳاپيل روينيو عملدار ڪمشنر جي اجازت کانسواءِ رقم منتقل نه ڪري سگھندا، ٻئي طرف سنڌ حڪومت پاران  دبئي فرار ٿيل ڊي سي نوشهروفيروز تاشفين عالم کي هر صورت ۾ ڏيهه آڻڻ ۽ گرفتار ٿيل ڊي سي مٽياري عدنان رشيد  کان غبن واري رقم وصول ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، هوڏانهن سکر جي ڪمشنر غلام مصطفيٰ ڦُل رابطو ڪرڻ تي “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته خيرپور ۽سکر ضلعن کي وفاق پاران نيشنل هاءِ  وي اٿارٽي معرفت ڏنل رقم جي نگراني ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته ٻنهي ضلعن ۾ اڃا روينيو معاملا پائيپ لائين ۾ هجڻ ڪري رقم ڊي سيز جي اڪائونٽن ۾ ئي پيل آهي. هوڏانهن نيب اختيارين سکر جي ڪمشنر کي خط لکي هدايت ڪئي وئي آهي ته ايم 6 منصوبي ۾ خيرپور ۽ سکر ضلعن لاءِ آيل رقم جي استعمال سميت ٻيو سمورو رڪارڊ فراهم ڪيو وڃي، جنهن بعد ڪمشنر غلام مصطفيٰ ڦُل پاران سکر  ۽ خيرپور جي  ڊي سي کي خط لکي هدايت ڪئي آهي ته نيب کي گھربل رڪارڊ فراهم ڪيو وڃي، جڏهن ته ايف آءِ اي وري مٽياري ۽ نوشهري فيروز  ضلعن ۾ جاچ ڪري رهي آهي