ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي سڃاڻپ جي اهڃاڻ موهين جي دڙي کي برساتن جهوري ڇڏيو، عالمي ورثي واري لسٽ مان خارج ٿيڻ جي خدشي سبب آثار قديمه وارو کاتو سرگرم، اڄ صوبائي وزير جي موهين جي دڙي پهچڻ جو امڪان، ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته  تازو پيل برساتن سنڌ جي سڃاڻپ جي اهڃاڻ موهين جي دڙي  کي پڻ سخت نقصان رسايو آهي، ڪيترن ئي هنڌن تي ديوارن ۾ ڏار پئجي ويا آهن، جڏهن ته کوٽائي واري هنڌ تان پاڻي به نيڪال ناهي ٿي سگهيو، جنهن بعد موهين جي دڙي جي عالمي سڃاڻپ واري لسٽ مان خارج ٿيڻ جو خدشو آهي، جنهن سبب آثار قديمه واري کاتي پاران موهين جي دڙي جي اصلي حالت ۾ بحالي لاءِ ڪوششون شروع ڪيون ويون آهن، ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي سنڌ جي ثقافت واري  سيڪريٽري  نسيم غني سهتو چيو ته موهين جي دڙي کي  برساتن ڪري نقصان پهتو آهي، ڊاڪٽر ڪليم لاشاري جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪاميٽي جي سفارشن تي ئي بحالي جو ڪم هلي رهيو آهي، ذريعن موجب برساتن کانپوءِ موهين جي دڙي کي پهتل نقصان کانپوءِ آثار قديمه واري کاتي کي اها ڳڻتي ورائي وئي آهي ته  ڪٿي موهين جي دڙي کي  عالمي آثار قديمه واري لسٽ مان خارج نه ڪيو وڃي.