لاڙڪاڻو( بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي صوبائي تڪ پي ايس 11 تان ڪامياب ٿيل ايم پي اي معظم عباسي برسات متاثرن جي واهر نه ٿيڻ تي سنڌ اسيمبلي جي ميمبرشپ تان استعيفا ڏيندي اهڙي استعيفا جي ڪاپي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر کي اماڻي ڇڏي آهي. جنهن ۾ معظم عباسي موقف اختيار ڪيو آهي ته تازو برساتن ۾ لاڙڪاڻي جي انتظاميا مڪمل طور تي پيپلز پارٽي جي ڪنٽرول هيٺ ڪم ڪري رهي آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي عوام کي امداد فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي، حڪمرانن جي نااهلي سبب سنڌ اڄ ڏکئي دور مان گذري رهي آهي، حڪومتي نااهلي ۽ ڪرپشن سبب مختلف ادارا ڪم نه پيا ڪن، موجوده صورتحال ۾ مان هڪ عوامي نمائندي جي حيثيت ۾ بيوس محسوس ڪري رهيو آهيان، تنهن ڪري اهڙي صورتحال سبب مان پنهنجي تڪ لاءِ ڪجهه به نٿو ڪري سگھان. هوڏانهن ٽائيم نيوز  سان ڳالهائيندي معظم عباسي چيو آهي ته برساتن دوران لاڙڪاڻي ۾ ڪٿي به سرڪار نظر نه پئي اچي اسان ڪيترائي ڀيرا دانهون به ڪيون پر ڪنهن به اسان جي ڳالهه نه ٻڌي جنهن ڪري اڄ به لاڙڪاڻي جي اڪثر علائقن ۾ برساتي پاڻي موجود آهي. هن چيو ته هن وقت غيبي ديري کان منڇر تائين سڀ علائقا پاڻي ۾ ٻڏل آهن پر ڪٿي به متاثرن جي واهر نه پئي ٿئي. هن چيو ته چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري سميت ٻين کي ڪو به احساس ناهي ته هيٺ ڇا ٿي رهيو آهي تنهن ڪري ضروري آهي ته ماڻهن ۾ شعور اچي ۽ هو پنهنجي حقن جي لاءِ آواز اٿارين. هن چيو ته منهنجي استعيفا منظور ٿيڻ بعد شيڊيول ايندو ۽ هن وقت اسين لاڙڪاڻي جي عوام سان گڏ آهيون ۽ بغير عهدي جي به آءُ لاڙڪاڻي جي عوام جي خدمت ڪندو رهندس. هن چيو ته منهنجي ايم پي اي ٿيڻ ۾ جي ڊي اي ۽ لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جي دوستن جو وڏو ڪردار هو، استعيفيٰ وارو فيصلو منهنجو ذاتي آهي، جيڪڏهن دوستن ۽ لاڙڪاڻو واسي ووٽرن جي دل آزاري ٿي آهي ته معذرت ڪيان ٿو.