موهن جو دڙو (ن پ ا) موهن جو دڙو جي مکيه گيٽ اڳيان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪارسنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري جي اڳوڻي سيڪريٽري ظهير بسمل کي کڻي ويا.موهن جو دڙو پوليس معاملي کان لاتعلقي ظاهر ڪئي آهي.ايس ايچ او ايئرپورٽ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نوجوان کنڀجڻ جي باري ۾ ڪا به خبر ناهي. نه ئي اهڙو اطلاع مليو آهي.سڌير ٻٽ پنهنجي کي ٻڌايو ته ڀاءُ ظهير کنڀجڻ جي خبر پئي آهي.ڀاءُ جو ڪنهن به سياسي پارٽي سان ڪنهن به قسم جو ڪو به واسطو رابطو ناهي، ڀاءُ کي آزاد ڪيو وڃي.