چوٽياريون ( ن پ ا) ڳوٺ جاني جوڻيجو جي رهواسي امين راڄڙ ڳورھاري گهرواري کي بي ايڇ يو آندو،   جتي کيس ڪمزور ٻار ڄائوامين راڄڙ صحافين آڏو دانهيندي الزام لڳايو ته  ڪمزور ٻار ڄائو،  جنهن کي ڊاڪٽرياڻي ثمينا گئس به نه چاڙھيو، چيائين ته پنهنجو ٻار کڻي وڃو صبح جو چيڪ اپ لاءِ کڻي اچجو،صبح مهل چيڪ اپ لاءِ آياسون ته اسان جو ٻار فوت ٿي ويو،  جيڪڏھن اسان جو ٻار صحت مند نه هو ته اسان جي ٻار جو علاج ڪرڻ بجائي واپس گهر ڇو موڪليو ويو. هنن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته ٻار ڊاڪٽرياڻي جي غفلت سبب فوت ٿيو آھي. انڪوائري ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. ٻئي طرف بي ايڇ يو انچارج رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان وٽ ٻار صحتمند ڄائو ڊاڪٽرياڻي ثمينا مريض کي موڪل ڏئي ڇڏي ۽ صبح جو روايتي چيڪ اپ ۽ حفاظتي ٽڪن لاءِ اچڻ جو چيو،  هو باقي ٻارڙو جيڪڏھن فوت ٿيو آھي ته اهو رب جي رضا سان ٿيو آھي اسان پاران يا ڊاڪٽرياڻي پاران ڪا به ڪوتاهي نه ٿي آھي. ٻئي طرف ڊاڪٽرياڻي ثمينه جي نائٽ ڊيوٽي هجڻ سبب اڄ ڏينهن جو ساڻس رابطو نه ٿي سگهيو  آھي