شھدادپور (ن پ ا) سانگهڙ روڊ تي ميتلا  اسٽاپ وٽ تيز رفتار موٽر سائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر سبب موٽر سائيڪل سوار نوجوان ٿڏي تي فوت ٿي ويو. جنهن جو مڙھ سِمس اسپتال آندو ويو،فوتي جي سڃاڻپ ٽنڊوآدم جي بچا پاڙي واسي 40 سالا مير حسن لغاري طور ٿي. حادثي بعد پوليس ڪاروائي ڪندي چنگچي رڪشا تحويل ۾ وٺي هلائيندڙ ولي محمد ماڇي کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پھچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.