حيدرآباد (بيورو رپورٽ) نسيم نگر جي  نقاش ولاز واري علائقي ۾ مسافر ڪوچ موٽرسائيڪل سوارن مٿان چڙهي وئي. حادثي ۾ نوجوان چيڀاٽجي فوت ٿي ويو جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي به ٿيو. اطلاع تي نسيم نگر ٿاڻي جي پوليس پهچي فوتي جو لاش تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو جڏهن ته زخمي کي به علاج لاءِ اسپتال پهچايو ويو. پوليس موجب حادثي ۾ فوت ٿيل نوجوان جي سڃاڻپ هٽڙي واسي 23 سالن جي ذاڪر حسين پٽ نياز حسين طور ٿي آهي. زخمي سيد ڪامران پٽ سرور شاهه ڳوٺ سڄڻ ڏيٿو جو رهواسي آهي. پوليس موجب زخمي جي حالت سڌرندڙ آهي. ڪوچ جو ڊرائيور ۽ ڪلينر ڪوچ ڇڏي فرار ٿي ويا آهن جڏهن ته ڪوچ کي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪيو ويو آهي.