بدقسمتي سان اسان وٽ ماحوليات وارو موضوع ايترو نظر انداز ڪيل آھي، جو ان تي سرڪاري ادارن جي ته اک ئي نٿي ٻڏي ان شعبي ۾ ڪم ڪندڙ اين جي اوز جي رفتار به گھڻي سست آھي.

                         تازو ڊان ۾رفعه ذڪريا جو ماحولياتي بگاڙ بابت مضمون شايع ٿيو آھي،جنھن موجب ايندڙ ڏھن سالن ۾ دنيا ۾ موسمون تباھي جي ھڪ نئي مرحلي ۾ داخل ٿي وينديون.جنھن سان انسان منھن ڏيڻ جي قابل نه رھندو.

                         ڇاڪاڻ جو دنيا ماحولياتي توازن جي لاءِ مقرر ھدف حاصل ڪرڻ ۾ناڪام ٿي آھي.جنھن ڪري،گرميون توڙي سيءِ سھپ کان وڌيڪ ھوندا، برسات ۽ ٻوڏون اندازي کان ٻاھر ھونديون.

                         گڏيل قومن موجب دنيا جون ٻه اڀرندڙ معيشتون ان ۾ گھربل ھدفن کان لنوائي رھيون آھن، جن ۾ ھندوستان ۽ چين شامل آھن،جن جو چوڻ آھي تـ اولھه وارا ملڪ ان جا ذميوار آھن.

                         ٻنھي ملڪن کي 2035 تائين 60 سيڪڙو ڪاربان گھٽ ڪرڻ جو ٽارگيٽ ڏنل آھي.

                         ٻئي پاسي اھو ياد رکڻ گھرجي ته سموري ڪائنات ۾ ھي ڌرتيءَ واحد گرھ آھي،جنھن تي ئي زندگيءَ آھي، پر ھتي جي ھر وسيلي جي ڀيل ڪئي وئي آھي،جنھن کي منھن ڏيڻ لاءِ پائيدار ترقيءَ واري پروگرام تي عمل ڪرڻ اشد ضروري آھي.

ٻيلن، جبلن، پاڻين، سمنڊن، پکين وڻن سميت ڪائنات جي ھر انمول وسيلي کي ناس ڪيو ويو آھي، اھو سلسلو نه رڪيو ته انسان شايد ھن دنيا ۾ختم ٿيڻ واري پھرين مخلوق ھوندي. (فيس بوڪ تان ورتل)