انسان، پکي ۽ فطرت … گلشن لغاري … گلشن لغاري

    0
    29

     پکين جي اھا فطرت آھي ته  موسمي خطرن جي باوجود اھي وڻن ۾  پنھنجا آکيرا  ڪکن پنن سان پاڻ  جوڙين ٿا،  ۽ ان ۾ اڄ سوڌو ڪا تبديلي ناھي آئي، جڏھن ته  اسان انسانن لالچ ۾ پاڻ کي فطرت جو دشمن بنائي ڇڏيو آھي ۽ سيمينٽ ۽ بجري جي ديوارن جا قيدي بنجي ويا آھيون، تازو فيسبوڪ تي آنلائين بزنس جي اشتھار ۾ مون ڏٺو ته پکين لاءِ سھڻا ۽ رنگين آکيرن جيترا ننڍڙا گھر وڪامجن پيا، مون کي به  وڻيا ۽ آرڊر ڏيڻ تي دل چاھيو، پر پوءِ سوچيم ته  اسان انسان ته پاڻ لالچ ۾ فطرت کان پري ٿي  سيمينٽ ۽ بجري جي پڃرن جھڙن گھرن جا قيدي ٿي ويا آھيون پر ھاڻي اسان پنھنجي لالچ جو نشانو معصوم پکين کي بنائڻ ٿا چاھيون  ان سوچ کي Discourage ڪرڻ جي ضرورت آھي. (فيس بوڪ تان ورتل)