ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اديبن ، محققن ۽ ليکڪن چيو آهي ته ڪراچي جو باني مورڙو مير بحر هو، جنهن دنيا جي تاريخ ۾ اهو ثابت ڪيو ته جسماني  معذوري کي ڪمزوري نه پر طاقت بڻائي، ڏاڍ ۽ خوف کي ختم ڪري سگهجي ٿو، ڀٽائي جي سر گهاتو جي ڪردار مورڙو مير بحر تي تحقيق جو مطالبو  ڪري ڇڏيو، ڪياماڙي جي ضلعي انتظاميا پاران مورڙو مير بحر جو ميلو لڳائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ڪالهه ڪراچي جي ڪياماڙي واري علائقي ۾ قائم گورنمينٽ ڊگري ڪاليج شمس پير جي پرنسيپال پاران ”مورڙو مير بحر دي فائونڊر آف ڪراچي” جي عنوان هيٺ ڪوٺايل سيشن ۾ خطاب ڪندي چيو آهي ته نامياري محقق گل حسن ڪلمتي چيو ته مورڙو مير بحر تي شاهه عبدالطيف ڀٽائي سر گهاتو لکيو آهي،  جنهن ۾ هن هڪ معذور شخص کي مانگر مڇ سان پلاند ڪندي ۽ پنهنجي ڀائرن جا لاش انهي جي پيٽ مان ڪڍڻ واري جيڪا مزاحمت آهي انهي کي نروار ڪيو آهي پوءِ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ به مورڙو مير بحر تي سگهڙن جا حوالا ڏيندي انهن جا بيان لکيا آهن پر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجو ڪو انهي تي موقف نه ڏنو آهي، جيڪو ڏي ها ته اسان کي وڌيڪ  ڄاڻ ملي ها پر ان باوجود ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ دڳ ڏيکاري ويو آهي، انهي تي هلندي وڌيڪ تحقيق ڪري سگهجي ٿي، ڇاڪاڻ جو مورڙي مير بحر جي 6 ڀائرن جا لاش دفن ته ٿيل آهن پر انهن جا نالا ڇا آهن انهي تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، سنڌ حڪومت فنڊ فراهم ڪري ته تحقيق ٿئي، ڪاليجز واري کاتي جي سيڪريٽري احمد بخش ناريجو چيو ته تعليمي ادارن ۾ ان قسم جا سيمينار ۽ ڪانفرنسون پنهنجي نوجوان نسل ۾ آگاهي ڏيڻ آهي، مورڙو مير بحر سنڌ جو اهو تاريخي ڪردار آهي، جنهن کي ڀٽائي مزاحمت جي علامت طور پيش ڪيو آهي ، ثقافت کاتي جي ڊي جي منور علي مهيسر چيو ته سنڌ جو ثقافت کاتو سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ ٻولي جو رکوالو آهي، اسان اڄوڪي انهي سيمينار ۾ شريڪ به انهي ڪري ٿيا آهيون ته جيئن اسان جي انهن ماڻهن سان ملاقات ٿي سگهي جيڪي پنهنجي هيروز تي تحقيق ۾ دلچسپي رکن ٿا ۽ ثقافت کاتو انهن جي مڪمل مدد ڪندو، ڊي سي ڪياماڙي مختيار ابڙو چيو ته اسان مورڙي مير بحر ۽ سندس ڀائرن جي قبرن جي مرمت ڪرائي آهي ۽ انهن تي بيوٽيفڪيشن جو ڪم هلندڙ آهي، جيڪو مڪمل ٿيندي ئي اسين انهي تي مورڙو مير بحر جو ميلو لڳائينداسين، ڪاليج جي پرنسيپال شهربانو ڪاڪا چيو ته مورڙي پنهنجي ٽيڪنڪس ۽ ڏاهپ ذريعي هڪ واڳون سان جنگ جوٽي، جيڪو ڏاڍ خلاف جنگ جو هڪ اهم پيغام آهي، هن چيو ته گل حسن ڪلمتي ڪراچي تي تاريخي ڪم ڪيو آهي، ڪراچي يونيورسٽي يا سنڌ يونيورسٽي کيس اعزازي ڊگري سان نوازي. ان موقعي تي رخمان گل پالاري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. جڏهن ته الهڏنو ڪاڪا جي لکيل ڪتاب جي پڻ مهورت ٿي.