لاهور ۾ پي ٽي آءِ جي ريلي دوران ڇڪتاڻ: ڪيترائي ڪارڪن گرفتار

0
193

پنجاب جي نگران سرڪار تحريڪ انصاف جي ريلي کان اڳ لاهور ۾ جلسن جلوسن ۽ ريلين تي پابندي لڳائي ڇڏي، مال روڊ  تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون ٿيون آهن

نگران حڪومت موجب جلسن ۽ جلوسن تي پابندي اڄ کان 7 ڏينهن تائين جاري رهندي، نوٽيفڪيشن موجب پابندي لاهور ۾ ٽريفڪ ۽ سيڪيورٽي جي خراب صورتحال سبب لڳائي وئي آهي

پوليس زمان پارڪ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو ، زمان پارڪ ۾ واٽر ڪينن به گهرايون ويون آهن

شيخ رشيد چيو آهي ته زمان پارڪ جي طرف ڪنيٽنرز رکيا ويا آهن، طاقت جو غلط استعمال ڪيو پيو وڃي، لاهور جا شهري عمران خان سان گڏ نڪرڻ لاءِ تيار آهن

پي ٽي آءِ جي اڳواڻ حماد اظهر چيو ته راڻا ثناءُ الله ۽ نون ليگ ملڪ ۾ ٽڪراءُ ۽ لاش ڪيرائڻ چاهين ٿا، عدليه سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريلي ڪڍڻ کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي حماد اظهر چيو ته اڄ ريلي هر صورت ۾ ڪڍي ويندي

هي به پڙهندا

عام چونڊون ڊجيٽل آدمشماري تحت ئي ٿينديون: اعظم نذير تارڙ