مورو(ن پ ا) موري ۾ ٻه مھينا گذرڻ باوجود اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر نه ٿيڻ سبب آفيس جو ڪاروھنوار ٺپ لڳو پيو آھي، زميندارن ۽ آبادگارن جا زرعي زمينن جا مسئلا حل نه ٿيڻ، نوجوانن کي وقت سر ڊوميسائل ٺھي نه ملڻ ۽ پراپرٽي ڊيلرن کي وقت سر پلاٽن ۽ جائيداد جي خريد ۽ فروخت جا مالڪاڻا حق يعني ڪاغذ ٺھي نه ملڻ ڪري سخت پريشانيءَ ۾ مبتلا آهن. اسسٽنٽ ڪمشنر جي آفيس جو ڪاروھنوار متاثر ھئڻ ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر جي ڪرسي تي ڌوڙ ڄمي وئي آھي ۽ آفيس ڀوت بنگلي جو ڏيک ڏئي رھي آھي، ھتان جي آبادگارن، زميندارن، نوجوانن، پراپرٽي ڊيلرن، شھرين سنڌ حڪومت کي منٿ ڪئي آھي ته خدارا اسان تي ٿورو ڪيو وڃي مورو ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ڪري بيچيني دور ڪئي وڃي.