ڄام صاحب (ن پ ا) ڄام صاحب ۾ ھاءِ ڪورٽ سکر جي حڪم تي عمل نه ٿيو، سخي ڄام ڏاتار جي قديمي قبرستان ۾ قبضا قائم ڪندڙن پاران قبرستان جون ڪيتريون ئي قبرون مسمار ڪري دڪان ٺاھي ڇڏيا ۽ ڪجهه ماڻھن قبرون ڊاھي ۽ ٻين قبرن مٿان لوڙھو ڏئي اوطارا ٺاھيا ويا آھن. ان سلسلي ۾ شھرين ڊاڪٽر جمشيد آفريدي، لعل خان شر، غلام مصطفيٰ ملڪ، علي گل مري، ماجد قادري پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته سيد اصغر علي شاهه المعروف سخي ڄام ڏاتار جو قديمي قبرستان ضلعي انتظاميا جي بي ڌيانيءَ سبب مسمار ٿيڻ لڳو ۽ اوقاف کاتي جي ملي ڀڳت سان قبرستان جون قديمي قبرون مسمار ڪري دڪان ٺاھيا ويا آھن ۽ قبرستان جي ديوار ٽٽل ھئڻ ڪري سموري قبرستان مان رستا ٺھي ويا آھن پر ضلعي انتظاميا ۽ اوقاف کاتو اگھور ننڊ ستل آھي. جڏھن ته ھاءِ ڪورٽ سکر پاران فيصلو ڪري ھر ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر کي لکت ۾ ليٽر جاري ڪيو آھي ته قبرستان تان قبضا ھٽايا وڃن ۽ قبرستان جي بي حرمتي ٿيڻ کان بچايو وڃي پر ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد سخي ڄام ڏاتار جي قديمي قبرستان جي لتاڙ ۽ قبضن جو ڪوبه نوٽيس ناھي ورتو.