مورو (ن پ ا) مورو ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ آريسر گروپ پاران سنڌ مان قومي ڪارڪنن جي جبري گمشدگين خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ان موقعي تي شاھنواز ڀٽي، ممتاز ميمڻ، ديشي اشفاق، رضا، محرم، آڪاش، وقار، صدام، امجد ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي حقن جي ڳالھه ڪندڙ اصغر جمالي، اياز لطيف شر، ايوب ڪانڌڙو، انصاف دايو، پٺاڻ خان زھراڻي، عابد جمالي، فياض ۽ ٻين کي بيگناهه کنڀي گم ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته قومي ڪارڪنن کي کنڀڻ وارو سلسلو سنڌ ۾ وڏي عرصي کان جاري آھي، جيڪو ھاڻي بند ٿيڻ گھرجي، هنن مطالبو ڪيو ته کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي.