واهي پانڌي :واهي پانڌي ۾ پوليش ڪمپني ۾ مقامي ماڻهن نظرانداز ڪرڻ ۽ ترقياتي ڪم نه ڪرائڻ خلاف شهرين جو گورک چونڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي ميڊيا سان اڳواڻن وقار مستوئي، لياقت ڪوٽائي، شاهن رستماڻي ۽ ٻين چيو سالن کان واهي پانڌي لڳ کيرٿر جي علائقي ڪاري ڪوٽ ۾ پولش گئس ڪمپني سالن کان ڪم ڪري رهي آهي سالا ڪروڙين رپين جي گئس ڪڍي رهي آهي پر علائقي ۾ ٽڪو جو ترقياتي ڪم نه ڪيو آهي نه واهي پانڌي اس پاس جي ڳوٺن ۾ گئس ڏنو ويو نه اسڪول ڏنو ويو آهي نه اسپتال ڪو پارڪ ڏنو ويو جڏهن علائقي واسين کي روزگار ۾ پڻ نظرانداز ڪري ٻاهران ماڻهو ڀرتي ڪيا ويا آهن جيڪا علائقي واسين سان زيادتي آهي جيڪي پيسا علائقي جي ترقي لاءِ اچن ٿا آهي ڊي سي دادو ۽ چونڊن جي ملي ڀڳت سان هڙپ ڪيا وڃن ٿا. علائقي واسين کي روزگار ڏئي علائقي ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن ٻئي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.