نيويارڪ (م ڊ) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو اجلاع شروع ٿي ويو، وزيراعظم شهبازشريف جي شرڪت، ٻه طرفيه سائيڊ لائينز تي عالمي اڳواڻن سان ملاقات، گڏيل قومن جي سڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ماحولياتي تبديلي جي خطرن کان خبردار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ٻڏل آهي، دنيا اڃا غيرفعال آهي، ماحولياتي تبديلي جا دنيا کي خطرا آهن، عملي قدم کڻڻا پوندا. نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو 77 هون اجلاس ٿيو، سيڪريٽري جنرل يو اين او جي استقباليه ۾ وزيراعظم شهبازشريف سميت عالمي اڳواڻن شرڪت ڪئي، جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ عام بحث جي شروعات ڪندي انتونيو گوتريس چيو ته گرين هائوس گيسز خارج ٿيڻ موسمياتي تبديلي جو وڏو سبب آهي، موسمياتي تبديلين سبب ڪيترائي ملڪ قدرتي آفتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ بحث کان اڳتي وڌي عملي قدم کڻڻا پوندا، ان لاءِ ترقي يافته ملڪ اڳتي وڌن. انتونيو گوتريس چيو ته موسمياتي تبديلين سان دنيا کي خطرا آهن، موسمياتي تبديلي سبب غير معمولي برساتون تباهي آڻي رهيون آهن، پاڪستان ۾ ٻوڏ سان وڏي پيماني تي تباهي ٿي، اسان کي توانائي جي روايتي ذريعن کان هٽي جديد ذريعن ڏانهن وڃڻو پوندو، پائيدار ترقي لاءِ غريب ۽ ترقي پذير ملڪن کي گڏ کڻي هلڻ جي ضرورت آهي. سيڪريٽري جنرل يو اين او چيو ته يوڪرين جنگ جي خاتمي لاءِ به قدم کڻڻا پوندا، دنيا هن وقت خوراڪ جي بحران کي منهن ڏئي رهي آهي، ڀاڻ جي وڌندڙ عالمي اگهه سان غذائي جنسن ۾ گهٽتائي جهڙا مسئلا آهن، سوشل ميڊيا تي ناڪاري پروپيگنڊا سان به مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل وڌيڪ چيو ته عالمي سطح تي پيش مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته اعتماد ٽٽي رهيو آهي، اڻبرابري وڌي رهي آهي، ماڻهو تڪليف ۾ آهن، عالمي گرمي پد وڌڻ سبب پاڪستان جو اڪثر حصو ۽ برطانيا جو ڪجهه حصو پاڻي هيٺ آهي. انتونيو گوتريس فوسل ڪمپنين تي سخت تنقيد ڪندي انهن کي فطرت خلاف آپگهاتي جنگ مڙهڻ برابر قرار ڏنو، اچو انهن کي ٻڌايو جن کي لڳو ته اسان جي دنيا فوسل فيولز جي عادي ٿي چڪي آهي، هي وقت مداخلت ڪرڻ جو آهي، اسان کي فوسل فيولز ڪمپنين ۽ انهن کي هلائيندڙن کي ذميوار قرار ڏيڻ گهرجي، ان کان اڳ وزيراعظم شهبازشريف نيوزلينڊ جي وزيراعظم جيسيڊا آرڊن سان ملاقات ڪئي، تقريب دوران وزيراعظم فرانس جي صدر ميڪرون سان به غيررسمي ملاقات ڪئي ۽ ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ مملڪتي وزير حنا رباني کر به وزيراعظم سان گڏ هئا، ان کانپوءِ وزيراعظم آسٽريليا جي فيڊرل چانسلر ڪارل نيهمر سان به ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفن لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي مضبوط ڪرڻ جي رُخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وزيراعظم شهبازشريف ايراني صدر ابراهيم رئيسي سان به مليو، وزيراعظم هائوس پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب وزيراعظم شهبازشريف جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ايراني صدر ابراهيم رئيسي سان غيررسمي ملاقات ڪري ٻه طرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، اجلاس کانپوءِ وزيراعظم شهبازشريف نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب بدترين تباهي آئي، سيڪريٽري جنرل يو اين او ٻوڏ تي پاڪستان جو 3 ڀيرا نالو ورتو، گڏيل قومن جي فورم تي مناسب موقعو مليو آهي، نيويارڪ ۾ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي شهبازشريف چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي افتتاحي اجلاس دوران ڪالهه اسانجون ٻه طرفيه سائيڊ لائينز تي عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ٿيون، فرانس جي صدر ميڪرون سان به ملاقات ٿي آهي، شهبازشريف ٻڌايو ته منهنجي آسٽريلن چانسلر ۽ فرانس جي صدر سان پڻ ملاقات ٿي، اميد آهي ته دنيا نئين سر تعمير ۾ پاڪستان جي مدد ڪندي.