اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته پنهنجون ڄنگهون ڏڪن ٿيون، نالو وٺڻ جي همت ناهي ۽ قوم کي للڪارڻ جو سبق ڏئي رهيا آهيو، عمران ۾ همٿ آهي ته ڌمڪائيندڙن جا نالا کڻي، ايڪس واءِ ڇا آهي، اي بي سي پڙهڻ شروع ڪري ٿو ڇڏي، اسلام آباد ۾ عدالت ۾ پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته ايئن نٿو ٿي سگهي ته جلسن ۾ للڪاريو ۽ رات جو پيرن ۾ اچي پئو، هن چيو ته عمران خان چوي ٿو ته منهنجي مرضي جو چيف آڻيو نه ته سڀني جا چهرا داغدار ڪري ڇڏيندو، عمران خان جنهن جو لاڏلو آهي، اهي هن کي لاڏلو ناهن سمجهندا، هو پنهنجو ڪم ڪڍڻ چاهين ٿا، مريم نواز چيو ته ڪالهه جيڪو اسان کي ڪالز ڪرائي رهيو هو، اڄ چئي رهيو آهي ته اسانجي ماڻهن کي ڪالز اچي رهيو آهن، اسان کي ڌمڪيون مليون ته صبر ڪيو، نالا کنيا، ثبوت به ڏنا، هن چيو ته ٻن مهينن ۾ اسانجو انقلاب فوت نه ٿي ويو، عمران خان جو انقلاب ته رانا ثناءُ الله جي خوف کان نڪتو ئي نه، پنجاب جي حڪومت ناجائز حڪومت آهي، اها جيترو جلدي ختم ٿئي ته ٿئي وڃي.