ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ٽاپ ماڊل ڪبريٰ خان کانپوءِ مهوش حيات به سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ بهتان بازي کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو، عدالت پي ٽي اي ۽ ايف آءِ اي کي مهوش حيات خلاف سوشل ميڊيا تان مواد هٽائڻ جو حڪم ڏيندي  ٻن هفتن ۾ جواب گهري ورتو، سنڌ هاءِ ڪورٽ  ۾ داخل درخواست ۾ مهوش حيات موقف اختيار ڪيو آهي  ته عادل راجا نالي هڪ شخص پاڻ کي اڳوڻو آرمي آفيسر سڏائي ڪوڙا الزام مڙهي رهيو آهي، مهوش موجب عادل راجا چئن اداڪارن خلاف پروپئگنڊا ڪئي آهي،هن  منهنجو نالو ايم ايڇ طور ڄاڻائي غير اخلاقي الزام لڳايا آهن، مون ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم کي شڪايت ڪئي پر انهن ڪا به ڪارروائي نه ڪئي، مهوش حيات جي وڪيل خواجا نويد جو چوڻ هو ته سوشل ميڊيا تي موجود مواد کي هٽايو وڃي، عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 26 جنوري تائين جواب گهري ورتو.