لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي سچل ڪالوني ڀرسان رائيس ڪئنال روڊ جي علائقي واسي سينيئر ڪلاسيڪل راڳي استاد امداد حسين حيدري ثقافت کاتي طرفان پرگهور نه لهڻ خلاف ۽ مالي سهائتا لاءِ پريس ڪلب اڳيان راڳ ڳائي انوکو احتجاج ڪيو آهي. ان موقعي تي هن دانهيو ته مون 11 سالن جي عمر کان وٺي فن جي خدمت ڪري مختلف وقتن تي پاڪستان ٽيليويزن، ريڊيو پاڪستان، شاهه عبداللطيف، بلا شاهه، خواجه غلام فريد، شاهه شمس تبريز، حضور سائين، مصري شاهه،  رکيل شاهه، چيزل شاهه حمل فقير، نواب ولي محمد فقير، استاد پيرل قنبر، عثمان فقير سانگي، ڇتو فقير سانگي، غمدل سائين، بيدل بيڪس سميت ٻين ناليوارن شاعرن جي شاعري ڳائي مشهوري ماڻي جنهن عيوض مون کي مختلف تنظيمن طرفان مڃتا ايوارڊ به ڏنا ويا. هن چيو ته تازو برساتن ۾ منهنجي گهر ڊهي پٽ پئجي ويو آهي. جڏهن ته ثقافت کاتي طرفان هر سال 60 هزار رپيا وظيفي طور ڏنا ويندا آهن هن سال اهي به نه مليا آهن. هن ثقافت کاتي ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته منهنجي وظيفي جي رقم ۾ واڌ ڪري 2 لک رپيا ڏئي مالي سهائتا ڪئي وڃي.