ڪراچي(شوبز نيوز) ماضيءَ جي مشهور ڊرامي “ففٽي ففٽي” ۾ ماڻهن جي چهرن تي مُرڪون وکيريندڙ سينيئر اداڪار ماجد جهانگير لاڏاڻو ڪري ويو. ڊرامي سيريل ففٽي ففٽي سميت ٻين ڊرامن ۾ ڏسندڙن کي  بهترين اداڪاري سان کلائي کيرو ڪندڙ اداڪار ماجد جهانگير لاهور ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس وارثن موجب ماجد جهانگير هڪ مهينو اڳ گهر ۾ بيڊ تان ڪري پيو هو، بيڊ تان ڪرڻ سبب هن جي ريڙهه جي هڏي کي فريڪچر اچي ويو هو، هن کي ساهه جو مرض پهريان کان ئي هو جيڪو گهڻو وڌي ويو هو. پٽ فهد ماجد چيو آهي ته والد ماجد جهانگير جي تدفين ڪراچيءَ ۾ ٿيندي. واضح رهي ته ماجد جهانگير 80 جي ڏهاڪي ۾ ڊرامي سيريل ففٽي ففٽي تان مقبوليت ماڻي هئي.