ڪراچي (نمائندن وٽان) ماتلي ۾ پورھيتن عبدالرحمان ڪنڀار، اميد خاصخيلي ۽ جمن جي اڳواڻي ۾ ڪم  ڇڏ ھڙتال ڪري ريلي ڪڍي بدين حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو ھنيو. ٻئي طرف ڊرائيورن محمد صالح قمبراڻي, جاويد خاصخيلي، ابراھيم خاصخيلي ۽ صالح ملاح ڳالھائيندي چيو ته ڊرائيور پيٽ گذر لاء پريشان پيٽرول جي قيمت وڌڻ کانپوء ڀاڙن ۾ واڌ سبب ماڻھن ٽيڪسين ھلڻ ڇڏي ڏنو جنھن ڪري ماتلي جي ٽيڪسي اسٽاپ ٻه سئو جي لڳ ڀڳ ٽيڪسي ھلائيندڙ ڊرائيور بيروزگار ٿي ويا آھن ۽ ھڪ ھفتي کان ڪيترن ئي ڊرائيورن کي ڀاڙو نه لڳڻ جي ڪري سندن گھرن ۾ فاڪاڪشي ۽ سخت مشڪلاتن کي منھن ڏيئي رھيا آھن.ميهڙ راڄوڻي اتحاد پاران مهانگائي، پئٽرول جي اگهن ۾ واڌ خلاف دعا هوٽل کان ڏاڏو گلزار خاصخيلي، رفيق خاصخيلي،محمد علي، محمد حسن،غلام عباس، وسيم تنيو،بخشل خان خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 4 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪيو.  سيوهڻ ۾  بيروزگار نوجوان تحريڪ ۽ انقلابي رڪشا يونين طرفان سڪندر اوٺو، عاشق چانڊيو، مشتاق سيلرو۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌمال چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.  ملڪاڻي شريف خيرپور گنبوه ۾ مزدور پورهيتن طرفان امين خاصخيلي، معشوق مستري، استاد جاويد قمبراڻي. مرزا گروپ اڳواڻ انور راجپوت، گل زيب خاصخيلي ۽ ٻين ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ۽ مزدورن جي اجرت نه وڌائڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري پنگريو جهڏو روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.