ميهڙ (ن پ ا) ميهڙ ڀرسان ڳوٺ صحبت کوسو ۾ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ سگاوتي تڪرار تان جيهڙو ٿي  پيو جنهن دوران جوابدارن قنداق هڻي هڪ عورت ڪونج زال عبدالجبار کوسو کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي تعلقه اسپتال ميهڙ آندو ويو تعلقه اسپتال ميھڙ ۾ ليڊي ڊاڪٽر نه هجڻ سبب زخمي عورت جو . علاج نه ٿي سگهيو تعلقي اسپتال ۾ زخمي عورت جي امڙ ۽ ٻين ٻڌايو ته جوابدارن حليم ۔ غلام الرسول ۽ 2 اڻ سڃاتل جوابدار گهر ۾ گهڙي حملو ڪري ڪونج کي زخمي ڪيو آھي ۔ هنن چيو ته ڪونج ڳورهاري هئي جوابدرن جي تشدد سبب سندس حمل ضايع ٿيڻ جو خدشو آھي پر افسوس جو اسپتال ۾ اعلاج لاء ليڊي ڊاڪٽر ناهي هنن جوابدارن خلاف ڪاروائي جي گهر ڪئي آھي.