ملڪ ۾ مدرسن جو مستقبل…

0
135
روڳي سماج ۾ اڻ لڀ ٿي ويل دوائون...!!

  هن وقت ملڪ ۾ مدرسن جو هڪ وڏو انگ موجود آهي. مدرسن ۾ کُٿابين جي داخلا لاءِ ڪابه واضح پاليسي موجود ناهي. ڪا داخلا پاليسي ڪا ڪرائٽيريا موجود ناهي. مگر وک وک تي هزارين مدرسا قائم ٿي رهيا آهن. جن ۾ هڪ خاص قسم جي ديني تعليم ئي ٻارن کي ڏني پئي وڃي. هڪ پاسي حڪومتي موقف آهي ته تمام مدرسن کي رجسٽرڊ ڪري انهن ۾ ديني تعليم سان گڏ ٻين ٻولين ۽ سائنسي تعليم به ڏني ويندي، ان حوالي سان وڏن شهرن جي ڪجھه منظورِ نظر مدرسن کي ته اُهي سهولتون مهيا ڪيون ويون آهن مگر پُٺتي پيل علائقن ۾ ڪا پلاننگ ناهي، بغير ڪنهن منظور ڪيل نصاب توڙي ڪواليفيڪيشن يا بلڊنگ جي رواجي ماڻهو، استاد يا مُعلم بڻجي چَندي جي پگهار تي اُتي موجود ٻارن جي مستقبل سان کيڏي رهيا آهن. جنهن تعليم مان انهن مدرسن ۾ موجود ٻار ڪو لاڀ حاصل نه ڪري سگهندا.

سواءِ  ان جي ته اهي وڏا ٿي پاڻ وري مدرسا کوليندا يا انهن ۾ وري ديني تعليم ئي ڏيندا. جي ڏٺو وڃي ته هن خطي ۾ مدرسن جي تاريخ تمام پراڻي آهي. ورهاڱي کان اڳ اهي مدرسا ئي هئا جن مان اعليٰ ذهن ماڻهو فارغ التحصيل ٿي علم جي جوت جلائيندا هئا. تاريخ مان اها پروڙ پوي ٿي ته ننڍي کنڊ ۾ مسلمانن جي مدرسن ۾ هندو کٿابي به تعليم پرائيندا هيا. ڪنهن مذهبي فرق کانسواءِ هندو ۽ مسلمان ٻار گڏجي پڙهندا هئا، هندن جا ٻار شوق سان قرآن ۽ حديث جي تعليم پرائيندا هيا. اُن وقت جي خاص ڳالھه اها هئي جو  ان وقت ۾ انهن معصوم ذهنن ۾ مذهبي تفرقي جهڙا دقيانوسي خيال ڪونه ڀريا ويندا هيا، انهن جي ذهنن ۾ بُغض ۽ ڪُپت ڪونه ڀريو ويندو هو! ان وقت ۾ اڃان مذهب جي نالي تي ننڍو کنڊ ٻه اڌ ڪونه ٿيو هو. مسلمانن لاءِ جيترو قرآن پاڪ مقدس ۽ احترام لائق هو  اوترو گيتا ۽ رامائڻ  به  هئا. ايئن هندو به قرآن پاڪ جي تلاوت ڪري اُن وٽان دعائون گهرندا هئا.

پوءِ وقت بدليو، تاريخ بدلي، ماڻهن جا جذبات بدليا خيالن ۾ فتنن گهر ٺاهيو، ماڻهن جا ذهن تبديل ٿي ويا، سوچ تبديل ٿي ۽ رَويا پڻ تبديل ٿي ويا، ننڍي کنڊ جي مثالي ميانا رو زندگي مذهبي ۽ فرقيواريت جي باھه  ۾ سڙڻ لڳي. رهيل ڪسر ورهاڱي پوري ڪئي، لکن جي تعداد ۾ لڏپلاڻ  ٿي۽ ساڳئي تعداد ۾ هندو مسلم ويڙهاندن ۾ معصوم ماڻهو مئا. خير اهو سڀ ننڍي کنڊ جي ڪاري تاريخ جو حصو آهي، جنهن جو سيڪ هتي اڃان به محسوس ٿيندو آهي. ملڪ ۾ جنهن تيزيءَ سان آبادي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي اُن تيزيءَ سان انساني حقن جي پائمالي به ٿي رهي آهي. بنيادي انساني ضرورتون اڻ لڀ ٿي ويون آهن، هيڏي آبادي کي تعليم، صحت ۽ انصاف جي معاملن ۾ مشڪلن کي مُنهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي..

انهن سمورن مشڪلن جي پيش نظر اسڪولن جي غير تسلي بخش پڙهائي ۽ پرائيويٽ اسڪولن جي مهانگين فيسن جي ڪري مسڪين ماڻهن جو لاڙو مدرسن ڏانهن وڌي رهيو آهي، جتي ٻار کي مسجد يا مدرسي ۾ ماني ٽڪيءَ سان گڏ رهائش ۽ ديني تعليم پڻ مفت ۾ ڏني وڃي ٿي. مگر اهو ايترو سولو به ناهي جيترو بي خبر والدين سمجهي رهيا آهن. مدرسن ۾ موجود کٿابين جي حالت تمام رحم جوڳي هوندي آهي. مدرسن جا کُٿابي جن کي شاگرد سڏرائڻ جو به حق ناهي اُتي اهڙن استادن(مُعلمن) جي رحم ۽ ڪرم تي گذارن ٿا جنهن جو ذڪر به روئاريندڙ آهي! پهريون ته اُهي هر وقت اُتي موجود استادن جي تشدد جو شڪار ٿيندا رهن ٿا، (جنهن ۾ جسماني ۽ جنسي تشدد ٻئي شامل آهن!) ٻيو کين گارين ۽ بد اخلاقي سان اُٿاريو ۽ ويهاريو وڃي ٿو.  صبح شام  کين وڏا ٿالھه هٿ ۾ ڏيئي گهر گهر وڃي کانئن لولا ۽ ٻوڙ وٺي آڻڻ لاءِ پِنايو ويندو آهي، جنهن عمل جي ڪري انهن جو عزتِ نفس سدائين چڪنا چُور ٿيندو رهندوآهي. انهن کان (شايد) اهو ڪم ان لاءِ ورتو ويندو آهي ته اُهي مسجد يا مدرسي ۾ مفت ۾ تعليم پرائي رهيا هوندا آهن.

حالانڪه مدرسي جي اها تعليم ڪنهن به طرح سان تعليم ناهي، جيڪا انهن کي ڪنهن به طرح سان ڪو فائدو نه ڏيندي. بس اڻ پڙهيا والدين ان خوشفهمي ۾ هوندا آهن ته سندن ٻار ٻنهي جهانن جو وزن کڻي ويندو ۽ قيامت ۾ انهن لاءِ مغفرت جو سبب بڻجندو. مگر هُو اهو نٿا سوچين ته هُو ٻار جي پوري شخصيت کي هٿ وٺي تباھه ڪري رهيا آهن.  پهرين ته مدرسي ۾ ٻار ڪو شاگرد يا اسٽوڊنٽ ناهي فقط هڪ کُٿابي آهي، ٻيو مدرسي جي ڪا “ويلڊ” ڊگري ناهي جنهن جي آڌار تي مستقبل ۾ هُن کي ڪا سٺي Job ملي سگهي! مدرسي ۾ ته ٻار ڪنهن هنر سکڻ کان به عاري ٿي وڃي ٿو، جنهن کي هن محاوري سان ياد ڪري سگهجي ٿو ته نه گهر جو نه گهاٽ جو. ٻيو ته والدين نه ٿا ڄاڻين ته هن دور جي تقاضائن ۽ تعليم کي مدرسي جي تعليم ڪنهن به صورت پوري نٿي ڪري سگهي. هن ڊجيٽيل دور ۾ اهڙي اڻپوري تعليم ٻار لاءِ ڪيتري خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي ان جو والدين کي اندازو ئي نه آهي.

اها هاڻي لڪل ڳالهھ ناهي رهي ته اڄوڪي دور ۾ مدرسن ۾ جهڙي طرح ٻارن کي “برين واش” ڪري انهن جي ذهنن ۾ خطرناڪ ڳالهيون اوتي، انهن کي سماج لاءِ هاڃيڪار بڻائي ڪڍيو ويندو آهي، سو انتهائي فڪر جوڳو آهي. ڀلا ڪهڙو والدين چاهيندو آهي ته سندس ٻار کي مذهبي شدت پسند بڻائي پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو وڃي. اُن جي حواسن تي فضول خيالن کي حاوي ڪري سماج ۾  کيس بد امني جو سبب بڻايو وڃي جنهن جو منطقي انجام نهايت ڀيانڪ هجي! ان ڏس ۾ پهريون فرض حڪومت تي عائد ٿئي ٿو ته هُو اهڙن مدرسن جي جاچ ڪري انهن کي ڦهلجڻ کان روڪي. جن مدرسن ۾ ٻارن کي هن “اينرجي سيور” جي دور ۾ “لالٽين” تي پڙهائي کين اکين کان انڌو ڪيو وڃي، ڊيسڪ يا اسٽوڊنٽ چيئر تي ويهارڻ جي بجاءِ پَٽ تي اونڪڙون ويهاري قائدو پڙهايو وڃي. کٽ ۽ بستري تي سمهارڻ جي بجاءِ تڏي تي سمهاري سندس بنيادي حقن کي ئي صلب ڪيو وڃي.انهن کي خبر ئي نه هجي ته درسگاهون ايئن ناهن ٿينديون، پڙهائڻ جا هنڌ ايئن ٻُسا ناهن هوندا. اُتي ته ڪريڪلم ۽ نان ڪريڪلم سرگرميون به ٿينديون آهن.. اُتي ته ڪمپيوٽر ليب ۽ لائبريريون به هونديون آهن. اُتي ته کيڏڻ لاءِ ميدان به هوندو آهي جتي سندن فزيڪل ايڪسرسائيز سان گڏ ذهني ايڪسرسائيز به ٿيندي آهي.