وزيراعظم جو بيان آشيرواد کسجڻ جو اشارو ته ناهي !؟

0
212
وزيراعظم جا اعلان،مخالف ڌر جو خوف يا عوام جو درد ؟

انسان خواهشن جو اهڙو گهر آهي جو ان جي ڪا خواهش پوري نه ٿئي ته هو ان کي پورو ڪرڻ لاءِ هر جتن ڪندو رهي ٿو پر ان جي خواهش پوري ٿي وڃي ۽ ان کي وقت گذري چڪو هجي ته وري ٻيهر  خواهش  من ۾ پيدا ٿيندي آھي. تازو  اهڙي خواهش جو اظهار پاڻ کي دنيا جو سڀ وڌيڪ خوبصورت سمجهندڙ وزير اعظم عمران خان ڪيو آهي جنهن آچر ڏينهن عوام سان فون ذريعي سڌو رابطو ڪيو ۽ انهن جي سوالن جا جواب ڏنا. هونئن ته هن بظاهر ڪيترن سوالن جا جواب ڏنا پر انهن سوالن منجهان هڪ سوال جو جواب اهڙو هو جنهن دنگ ڪري ڇڏيو.وزير اعظم عمران خان جواب ڏيندي چيو ته بي شڪ مهانگائي آهي پر اپوزيشن وارا سندس  ساٿ نٿا ڏين ته اهڙي قانونسازي ڪري جنهن سان ملڪ جو ڀلو ٿئي. هروقت احتجاج ۽ ڌرڻن جون ڳالھيون ڪن ٿا قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ جيڪڏهن ڳالهائڻ جي ڪيان ٿو ته اتي ڳالهائڻ نٿو ڏنو وڃي. وزير اعظم وڌيڪ چيو ته مان جيڪڏهن رستن تي نڪري آيس ته انهن کي اندازو ناهي ته ڪيترو خطرناڪ ٿي ويندس.

وزير اعظم جو اهڙو بيان سامهون اچڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي  بحث شروع ٿي ويو. سوشل ميڊيائي دانشورن جو بحث جاري هو ته اسلام آباد ۾ رهندڙ سياسي سجهه سوچ رکندڙن به وزير اعظم جي بيان جي مختلف رخن تي سوچڻ شروع ڪيو ته آخر حڪومت جي پنجن سالن مان تقريبن چار سال مڪمل ڪرڻ کانپوءِ هن اهڙو بيان ڇو ڏنو،کيس ايئن ڇو چوڻو پيو،ڇا سندس  بيان “ڌڪ هڻ ڌيءَ کي سکي ننهن” وارو ڪم ته نه هو، اهڙا کوڙ سارا سوال ٻيا به آهن جيڪي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ گونجندا رهيا آهن.

وزيراعظم عمران خان جي ان بيان جو جائزو وٺجي ته اهو ضرور سمجھه ۾ اچي ٿو ته وزيراعظم جي 2014ع جي ڌرڻي ۾ جيڪا سوچ هئي اها هاڻي به آهي،بس فرق اهو آهي جو ڌرڻي ۾ اپوزيشن نه هئي هاڻي پارليامينٽ ۾ اپوزيشن آهي جيڪا ڳالهائڻ نٿي ڏئي، جيئن هن پاڻ نواز شريف جي نڪ ۾ دم ڪيو هو، تيئن اپوزيشن وارن سندس  نڪ ۾ دم ڪيو آهي، کيس پارليامينٽ اندر ساھه کڻڻ ڪو نٿا ڏينس. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اسانجو  وزيراعظم عمران خان اچي ئي ڪونه، جيڪڏهن اچي به ته سندس اڳيان پٺيان ايم اين ايز جي هڪ لائين هوندي آهي جيڪا کيس اپوزيشن جي لفظي حملن توڙي ڪنهن ٻي صورت ۾بچائڻ لاءِ هوندي آهي. پاڻ جڏهن به اسيمبلي جي اجلاس ۾ آيو ته سندس  هٿ ۾ تسبيح هوندي اٿس. ان کان علاوه سندس ڳالهائڻ لاءِ ڪو فورم نه ٿو بچي ان لاءِ هن وٽ عوام سان رابطو ڪرڻ لاءِ فون ڪال جو وڃي رستو بچي ٿو جيڪو هو استعمال ڪري ٿو. ان عمل دوران هو ڪنهن جي ٻڌندو ناهي صرف ٻڌائيندو آهي.

هن آچر تي به هن ڪجهه ايئن ئي ڪيو ۽ چيو ته اقتدار کان نڪري آيس ته وڌيڪ خطرناڪ ٿيندس، سندس  اهڙو بيان بظاهر ته ايئن پئي لڳو ته هن اپوزيشن وارن لاءِ ڏنو آهي پر ڪجهه ڏينهن کان ڏسجي ته جنهن طريقي سان سندس پارٽي جو سينيئر وزير شاھه محمود قريشي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ان جي بيانن جي صحيح عڪاسي ن ليگ جي اڳواڻ احسن اقبال به ڪئي ته شاهه محمود قريشي جا بيان آشيرواد حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ سي وي آهي جيڪا نوڪري حاصل ڪرڻ جي ڪوشش آهي. ان کان علاوه وزير اعظم کي اها به معلومات ڏني وئي آهي ته سندس ٻيڙي ۾ سوار همراهه ساٿ ڇڏڻ جو سوچي رهيا آهن، ان ڪري هن اهڙو بيان ڏنو ته اقتدار ڇڏي نڪتس ته وڌيڪ خطرناڪ ٿيندس. هاڻي سائين جن کي ڪير سمجهائي جڏهن توهان 2014ع ۾ اقتدار ۾ نه هئا ته ان وقت ماڻهن کي اميد هئي ته سائين جن عوام جي قسمت کي بدلائيندا، ملڪ ۾ ميرٽ لاڳو ڪندا، اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار کي روڪيندا پر افسوس جو انهن منجهان ڪجهه به پورو ٿيندي نظر نه آيو. پاڻ ته ٺهيو پر سندس ڪابينا ۾ شامل هر وزير صبح سان ئي غلط ڳالهائڻ جو ڪم ڪندا رهن ٿا، هر وقت اپوزيشن جي اڳواڻن جي خلاف بيان بازي ڪندي  نظر اچن ٿا پر مجال آ جو وزير اعظم جي ڌرڻي دوران ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ بابت ڪا ڳالهھ ڪن.

ڌرڻي وقت عوام ان لاءِ گڏ هو جو انهن کي اوهان خواب ڏيکاريا هئا جيڪي پورا ناهن ٿيا، هاڻي اها اوهان جي ڀل آهي ته اقتدار ڇڏي اوهان عوام کي گڏ ڪندا، هاڻي ماڻهن جو صبر ختم ٿي چڪو آهي اقتدار ڇڏي جيڪڏهن روڊن تي آيا ته عوام اوهان سان گڏ نه هوندو.

هن وقت وزير اعظم جي ٻيڙي ۾ سوراخ ٿيڻ شروع ٿي چڪا آهن، چونڊن ۾ ڪاميابي جي علامت پاڻ کي سمجهندڙ ميمبرن ٻين پارٽين ڏانهن نهارڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ چڱي يا سياسي طور خراب ڳالھه آھي ته سياسي پارٽيون انهن پارٽين بدلائيندڙن کي خوش آمديد چوڻ لاءِ تيار ويٺا آهن. اهڙا بيان هن وقت ڏيڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته سائين جن اندر ئي اندر ۾ تمام گهڻو پريشان آهن ۽ هاڻي کيس يقين اچي ويو آهي ته جن کيس اقتداري ايوانن تائين پهچايو اهي ئي سندس جي مٿي تي رکيل هٿ واپس کڻڻ جي پٺيان آهن. کيس آڻڻ وارا به سمجهي ويا آهن ته سندن جي چوائس سٺي نه هئي، ان ئي پريشاني ۾ اسانجي محبوب وزير اعظم اهڙو بيان ڏنو. اپوزيشن جي نالي تي اسٽيبلشمينٽ وارن کي سڌا لفظ ٻڌائيندڙ عمران خان اٽارني جنرل خالد جاويد خان ذريعي اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف کي خط لکرايو آهي ته نواز شريف اوهان جي ڏنل بيان تي ھائيڪورٽ کان اجازت وٺي ملڪ کان ٻاهر ويو آهي، جڏهن کان نواز شريف برطانيا پهتو آهي ان ڏينهن کان اسپتال ۾ داخل ناهي ٿيو ان لاءِ  ڏهن ڏينهن اندر نواز جون ميڊيڪل رپورٽون جمع ڪرايو نه ته توهين عدالت جي ڪارروائي لاءِ عدالت سان رجوع ڪندا سين.

اٽارني جنرل جو شهباز شريف کي لکيل خط جو ڪهڙو نتيجو نڪرندو اهو وقت ٻڌائيندو،پر ايترو سمجهه ۾ اچي ٿو ته وزير اعظم ن ليگ کي سياست جي ميدان ۾ اسپيس ڏيڻ نٿو چاهي. اٽارني جنرل جي خط جو جواب ڏيڻ لاءِ ن ليگ جي لائيرز ونگ جي اهم وڪيلن تياري شروع ڪري ڇڏي آهي، جلد ان حوالي سان جواب ڏنو ويندو. اسلام آباد جي شهر ۾ هر وقت ڪا نه ڪا نئين ڊولپمينٽ ٿيندي رهي ٿي. سومر ڏينهن جسٽس عائشه ملڪ ملڪي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو سپريم ڪورٽ جي عورت جج مقرر ٿي وئي آهي سندس حلف برداري واري تقريب سپريم ڪورٽ ۾ ٿي، جسٽس عائشه ملڪ جي مقرري کانپوءِ سندس حق ۾ بيان جاري ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويوآهي. جسٽس عائشه ملڪ جي حلف برداري واري تقريب سومر ڏينهن صبح جو 8:45 تي رٿيل هئي، ان مقرر وقت تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اڪيلو حال ۾ اچي ويهي رهيو جڏهن ته چيف جسٽس سميت ٻيا جج تقريبن پندرهن منٽن جي دير سان حال ۾ پهتا، ان دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اڪيلو ويٺو رهيو ايتري ۾ اٽارني جنرل خالد جاويد خان حال ۾ پهتو جنهن ڪجهه دير اڪيلو ويهڻ کانپوءِ محسوس ڪيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان گڏ ويهجي،پوءِ اٽارني جنرل وڃي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان وڃي ڪجهه دير لاءِ ويٺو.  حلف برداري جي تقريب مڪمل ٿيڻ کانپوءِ جسٽس عائشه ملڪ پنهجي خاندان جي ميمبرن سان تصويرون ڪڍرايون، کانئس صحافين سوال به ڪيا پر هن ڪو جواب نه ڏنو جڏهن ته چيف جسٽس گلزار احمد سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته اها مقرري هڪ قابل عورت جي مقرري آهي ان جي بئنچ ۾ هجڻ سان فائدو ٿيندو.