سوات (م ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج  الحق حڪومت خلاف جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو. سوات ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سراج الحق چيو ته 9 ورهين ۾ خيبر پختونخواهه ۾ ڪجهه نه مَٽيو، صوبي ۾ بدامني ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ٿي رهي آهي، عوام کي ڪنهن قسم جو تحفظ حاصل ناهي. هن چيو ته ملڪ ۾ سليڪشن بدران صاف شفاف چونڊن جي ضرورت آهي پر بدقسمتي سان هتي عهدي لاءِ سينيٽرن ۽ اسيمبلي ميمبرن کي خريد ڪيو ويندو آهي. سراج الحق چيو ته پي ڊي ايم ۽ پي ٽي آءِ عوام لاءِ ناهن، اڄ کان منهنجو موجوده حڪومت خلاف جنگ جو اعلان آهي، ڇاڪاڻ ته موجوده حڪمرانن سبب غريب تباهه ٿي رهيو آهي. سراج الحق چيو ته حڪمرانن کي قومي مسئلن ۽ غريبن جو ڪو احساس ناهي، موجوده حڪمران ۽ پي ٽي آءِ سڀ پنهنجي ذاتي مفاد لاءِ وڙهي رهيا آهن.