ملڪ تي مڙهيل ٻئي خاندان امريڪا جا غلام آهن، جيڪي پيسن جا پوڄاري آهن: اڳوڻو وزيراعظم عمران خان

0
219
ملڪ تي مڙهيل ٻئي خاندان امريڪا جا غلام آهن
ملڪ تي مڙهيل ٻئي خاندان امريڪا جا غلام آهن، جيڪي پيسن جا پوڄاري آهن: اڳوڻو وزيراعظم عمران خان

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان صوابي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ تي مڙهيل ٻئي خاندان امريڪا جا غلام آهن، جيڪي پيسن جا پوڄاري آهن

جلسي کي خطاب ڪندي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ ھو ته انهن جا لنڊن ۽ امريڪا ۾ پيسا پيا آهن، اسان چورن، ڌاڙيلن ۽ امريڪا جَي غلامن جِي حڪومت قبول نه ڪنداسين

 عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجَي قتل جِي سازش جو ذڪر ڪندي چيو ته، هڪ زهر آهي، جيڪو کائڻ سان دل جو دورو پوندو آهي، ايف آءِ اَي جو آفيسر ڊاڪٽر رضوان دل جَي دوري سبب فوت ٿي ويو

ايف آءِ اي شهباز شريف خلاف وڏي محنت سان ڪيس ٺاهيا هئا، هاڻي ايف آءِ اَي جو به اهو حشر ٿيندو، جيڪو ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ آپريشن ڪندڙ پوليس آفيسرن جو ڪيو هو، ڇاڪاڻ ته ايف آءِ اَي مٿان هڪ قاتل کي ويهاريو ويو آهي، عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر فوري چونڊن ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو