ملڪاڻي شريف (ن پ ا)ملڪاڻي شريف ڀرسان يونين ڪائونسل بهادر چانڊيو جي  ڳوٺ ڪريم بخش چانڊيو بي گهر ٿيل ٻوڏ متاثرن پاران سرڪار طرفان گهر  تباه ٿيل فصل جي ٿيل نقصان جي سروي نه ڪرڻ خلاف ڊٺل گهرن اڳيان بيهي  احتجاجي مظاهرو ڪري ٽنڊوباگو مختيارڪار خلاف نعريبازي ڪئي . ڳوٺاڻن شوڪت نورحسن علي غلام ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مختيارڪار ٽنڊوباگو جي ٽيم برسات ۾ ڪريل گهر  ۽ تباه ٿيل فصلن جي سروي نٿي ڪري هنن چيو ته اسان سڀ غريب هاري آھيون برسات ۾ اسان جا گهر ڪري پٽ پئجي ويا فصل تباه ٿي ويا  سرڪار هنگامي طور اسان کي ڪوبه رليف نه ڏنو پر هاڻي سروي ۾ به اسان کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. هنن ڊپٽي ڪمشنر بدين کان مطالبو ڪيو آھي ته اسان جي ڳوٺ ۾ گهرن ۽ فصل جي ٿيل نقصان جي  سروي ڪرائي ٻج ڀاڻ سميت معاوضو ڏئي مشڪلاتن کان بچايو وڃي.