ممبئي(اسپورٽس نيوز) ملٽي ٽي-20 ليگ رٿا ڪرڪيٽ بورڊز لاءِ مٿي جو سور بڻجي وئي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل ) ۾ شامل فرنچائز پاران ملٽي ٽي-20 ليگ جو منصوبو آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي، آسٽريليا سميت مختلف ملڪن جي رانديگرن کي وڏيون وڏيون آڇون ڏنيون ويون آهن رانديگرن پاران آڇون قبول ڪرڻ بعد ڪرڪيٽ بورڊز کين اين او سي ڏيڻ لاءِ پريشان آهن ڇاڪاڻ ته ڪيترن ئي اهم رانديگرن ملٽي ٽي- 20 ليگ کيڏڻ لاءِ پنهنجين ٽيمن جي نمائندگي ڪرڻ کان به جواب ڏئي ڇڏيو آهي. انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجن رانديگرن کي اين او سي جاري نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن سبب بورڊ ۽ رانديگرن ۾ تڪرار شروع ٿيڻ امڪان طاهر ڪيو پيو وڃي.