نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) آءِ پي ايل جي ميچ ۾ تماشائي وڙهي پيا،  وڊيو وائرل ٿي وئي. تفصيل موجب ڀارت ۾ جاري انڊين پريميئر ليگ ۾ دلچسپ مقابلن سان گڏ جهيڙن جون خبرون به ميڊيا جون هيڊلائنز بڻجي رهيون آهن، آءِ پي ايل  جي سن رائز حيدرآباد ۽ دهلي ڪيپيٽلز جي ميچ دوران جهيڙو ٿي پيو جنهن جي وڊيو وائرل ٿي وئي، اسٽيڊيم اندر ٻنهي ٽيمن جي مداحن جو وڏو انگ موجود هو جيڪو رانديگرن کي داد ڏيڻ سان گڏ مخالف ٽيم جي رانديگرن خلاف نعري بازي ڪري رهيو هو جنهن سبب ٻنهي ٽيمن جي مداحن ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي،حيدرآباد سن رائز پاران دهلي ڪيپيٽلز کي شڪست ڏيڻ بعد اسٽيڊيم ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ جهيڙي ۾ تبديل ٿي وئي، سن رائز جي ڪاميابي تي نعري بازي دواران تماشائي هڪ ٻئي کي هٿين پئجي ويا، هڪ ٻئي کي مڪون، لتون ۽ ٺونشن جو وسڪارو لائي ڏنو، وائرل ٿيل وڊيو ۾ جهيڙي جي پوري منظرڪشي ڏسي سگهجي ٿي.