ڪراچي(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽائلش بيٽر محمد رضوان کي 4 نمبر تي بيٽنگ ڪرائڻ جو مشورو صحيح نڪتو. تفصيل موجب اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر راشد لطيف ٽيم انتظاميا کي مشورو ڏنو هو  ته محمد رضوان کي 5 بدران 4 نمبر تي بيٽنگ ڪرائي وڃي ٽيم انتظاميا سندس ان مشوري تي عمل ڪيو جنهن بعد محمد رضوان جي ڪارڪردگي ۾ بهتري اچي وئي،  اسٽائلش بيٽر محمد رضوان 4 نمبر تي کيڏندي رڳو 20 اننگز ۾ 742 رنز  ٺاهي چڪو آهي ۽ ان نمبر تي سندس ايوريج پڻ 43.64 رهي آهي جيڪا ون ڊي ڪرڪيٽ لاءِ بهترين سمجهي وڃي ٿي جڏهن ته ان نمبر تي کيڏندي محمد رضوان 2 سينچريون ۽ 5 هاف سينچريون پڻ ٺاهي چڪو آهي.