ملير(رپورٽر) ملير جي وسندي گلشن حديد جي فيز ون مان اغوا ڄاڻايل 31 سالن جي ناري انعم صهيب جو ڪيس اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي، ناري جي مڙس صهيب محمود ڄاڻايو آهي ته انعم صهيب 4 ڏينهن اڳ صبح جو 8 وڳي گهران نڪري وئي هئي، مونکي شڪ آهي ته نامعلوم جوابدار  منهنجي گهر واري انعم کي زنا جي نيت سان اغوا ڪري ويو آهي، ٻئي طرف  پوليس جو چوڻ آهي ته سي ڊي آر ۽ ڊجيٽل معلومات جي مدد سان ٻن نمبرن بابت جاچ ڪئي پئي وڃي، ناري جلد بازياب ٿيندي