سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ خيرپور ضلعي جي ٽيچنگ ۽ نان ٽيچنگ عملي جي خالي آسامين جي حوالي سان درخواست داخل، سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر جي جسٽس ظفر احمد راجپوت ۽ جسٽس خادم حسين تنيو تي مشتمل ٻه رڪني بئنچ ابتدائي ٻڌڻي ڪئي، درخواست گذار باسط پٺاڻ سيڪريٽري تعليم، سيڪريٽري فنانس سميت تعليم کاتي جي آفيسرن خلاف پنھنجي وڪيل معرفت درخواست داخل ڪرائي ورتي آھي. وڪيل منظور لاڙڪ مطابق درخواست گذار موقف اختيار ڪيو آھي ته خيرپور ضلعي جي گمبٽ تعلقي ۾ 300 اسڪول استاد نه ھجڻ سبب بند پيل آھن. خالي آسامين تي ڀرتيون ڪيون وڃن. عدالت درخواست کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي سيڪريٽري تعليم، سيڪريٽري فنانس ۽ لاڳاپيل ڌرين کي 20 ڊسمبر تي جواب طلب ڪري ورتو آھي.