ٽنڊوڄام( ن پ ا) حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي ٽرالر  بيٺل ٽرڪ سان ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ وزيرستان واسي ٻہ نوجوان فوت ٿي ويا. حادثي ۾ ٽرالر ڊرائيور  سميع الله ۽ ڪلينر زبيع الله سخت زخمي ٿي پيا هئا. جن کي علائقي واسين ٽرالر مان ڪڍي فوري طور رورل ھيلٿ سينٽر ٽنڊوڄام آندو، جتان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال نيو پئي ويو تہ رستي ۾ ئي فوت ٿي ويا. پوليس موجب فوت ٿيل سميع الله ۽ زبيع الله وزيرستان جا رھواسي آھن. سندن مڙھ اباڻي ڳوٺ منتقل ڪيا ويا آھن.