سکر (بيورو رپورٽ) سکر اسلام ڪالوني واسي ستين ڪلاس جو شاگرد 13 ورھين جو نازڪ ولد نواب خان شيخ گذريل ٻن ڏينھن کان پراسرار نموني گم ٿي ويو. نينگر جي ڀائرن راڻوا شيخ ۽ عرفان شيخ موجب سندن ڀاءُ ٻه ڏينھن اڳ گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول مان موڪل ٿيڻ کان پوءِ گھر آيو. ان بعد ٻاھر نڪتو ته اڃا تائين واپس ناھي آيو. مِٽن، مائٽن وٽ توڙي مختلف ھنڌن تي ڳولا ڪئي آھي. حد جي نيوپنڊ پوليس کي به اطلاع ڏنو آھي پر اُن جو ڪو به ڏس پتو ناھي پئجي سگھيو. خاندان جا ڀاتي سخت پريشان آھن. ھنن ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان نينگر جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي آھي.