لاڙڪاڻو: رسول آباد واسڻ ناري اکين جي نور کان محروم نوجوان سان شادي ڪري ڇڏي

0
285

لاڙڪاڻو: رسول آباد واسڻ ناري اکين جي نور کان محروم نوجوان سان شادي ڪري ڇڏي، رسول آباد واسڻ ناري اکين جي نور کان محروم ٺري ميرواهه واسي نوجوان کي جيون ساٿي بڻائي ڇڏيو

رانگ نمبر تي دوستي ٿيڻ بعد ناري سومل ڄيراهه خيرپور جي عدالت ۾ نوجوان مسعود ملاح سان پرڻو ڪيو

ناري سومل جو چوڻ ھو ته رانگ نمبر تي دوستي ٿيڻ بعد نوجوان مسعود ملاح سان پسند جي شادي ڪئي آھي، مائٽ مون کي مارڪٽ ڪندا ھئا، مال چرائيندا ھئا، مسعود ملاح سان دل لڳي وئي آھي

ناري ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي روئي ويٺي، ناري جو چوڻ ھو تھ سئوٽ مان جان کي خطرو آھي،  محمد نواز ڄيراهه ۽ ٻين مائٽن مان زندگيءَ کي خطرو آهي، تحفظ ڏنو وڃي

ھي به پڙھندا

سرحد ۾ پسند جي شادي بعد گم ٿيل ناري کي پوليس ھٿ ڪري ورتو، تشدد جون دانھون