گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪيءَ ويجهو مومل جي ماڙي لڳ ڳوٺ صوفي رفيق آرائينءَ ۾ گهرو اڻبڻت تان 22 سالن جي زبير احمد ولد شيرل عباسي ڦاهو کائي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو، اهڙو اطلاع ملڻ بعد ماٿيلو مومل ماڙي پوليس پهچي لاش گهوٽڪي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن اهي پڻ چوٻول آهن ته نوجوان زبير احمد عباسيءَ کي ڳلو ڪپي قتل ڪيو ويو آهي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.