ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سول اسپتال جي ڊاڪٽر نديم الرحمان جي ترقي وارو نوٽيفڪيشن رد ٿيڻ واري معاملي تي چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت ۽ ايڊووڪيٽ جنرل حسن اڪبر پيش ٿيا، عدالت ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ حسن اڪبر تي جواب جمع نه ڪرائڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته  اها ڪارڪردگي رهي ته ايڊووڪيٽ جنرل آفيس کي نوٽيس جاري ڪنداسين، جسٽس جنيد غفار ريمارڪس ڏيندي چيو ته ايڊووڪيٽ جنرل آفيس جو رويو اسان کي مجبور ڪري رهيو آهي ته سڌو سنئون کاتن جي سيڪريٽرين کان جواب گهرون، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ آفيس ڪيس جي ٻڌڻي هڪ يا ٻه نه پر 8 ڀيرا ملتوي ڪرڻ جي مھلت گھري ٿي، جواب جمع ڪرائڻ ۾ ايتري دير ٿيندي ته عدالت ڪڏهن فيصلو ڪندي؟ جسٽس جنيد غفار چيو ته اسان کي آفيسرن تي ڪاوڙ ڪرڻ ۽ طلب ڪرڻ جو ڪو شوق ناهي، عدالت کي مجبوري ۾ اهو سڀ ڪرڻو پوي ٿو، جنهن بعد ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ حسن اڪبر عدالت کان معافي وٺي ڇڏي، اي جي چيو ته چيف سيڪريٽري سان گڏجي ميڪنزم جوڙيو آهي، هاڻي بروقت جواب جمع ڪرايو ويندو، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ڊاڪٽر نديم الرحمان بابت جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، عدالت درخواستگذار کي جواب داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي پهرين ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي،