مقصودو رند (ن پ ا) مقصودو رند شھر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ڳوٺن ۾ ھڪ ھزار جا جعلي نوٽ مارڪيٽ ۾ اچي ويا، جعلي نوٽن جي وڪري سبب دڪاندار توڙي شھري توڙي اڻ پڙهيل ڳوٺاڻا سخت پريشان آهن. جڏھن ته جعلي نوٽن جي ڇپائي بلڪل اصلي نوٽن جھڙي آھي نمبر به لڳل آهن، جنھن ڪري اٻوجهه ماڻھن کي جعلي ۽ اصلي نوٽ جي ڪابه خبر نه ٿي پئجي سگهي، تنھن ڪري ھتان جي سماجي اڳواڻن ۽ سڄاڻ ڌرين مير حسن رند، علي نواز رند ۽ ٻين وس وارن کان جعلي نوٽ هلائيندڙ مافيائن خلاف ڪارروائي جي گھر ڪئي آھي.