ٺٽو (رپورٽر) غلام الله ويجھو نانگ ڪکيل نوجوان اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو. غلام الله ويجھو ٻروسر ڪالونيءَ لڳ ڪانھه ڳوٺ جي رهواسي 25 ورهين جي نوجوان جمعون پٽ نم ڪانھه کي گذريل ڏينهن زمين ۾ ڪم دوران نانگ ڪَکي وڌو. نانگ ڪکيل نوجوان کي فوري طور سول اسپتال ٺٽو آندو ويو، جتي هو علاج دوران فوت ٿي ويو. “پنهنجي اخبار” پاران رابطو ڪرڻ تي سول اسپتال ٺٽو جي ڊاڪٽر رميش چيو ته نوجوان کي خطرناڪ زهريلي نانگ ڪکي وڌو هو. هن چيو ته نوجوان کي نانگ کان بچاءُ واري سئيءَ جا 4 وائل پڻ لڳايا ويا پر نانگ جي گھڻي زهر سبب علاج دوران موت واقع ٿي ويو. هوڏانهن نانگ ڪکيل نوجوان جي لاش گھر پهچڻ تي پڻ ڪهرام مچي ويو.